فيصل آباد: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) فيصل آباد جي دهشتگردي جي انت واري عدالت 9 مئي سانحي جي ٻن ڪيسز ۾ فيصلو ٻڌائيندي عمر ايوب، صاحبزاده حامد رضا، شبلي فراز، زرتاج گل کي 10 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي.دهشتگردي جي انت واري عدالت حساس اداري جي آفيس تي حملي جي الزام ۾ سول لائن ٿاڻي ۾ داخل ڪيس نمبر 832 ۾ 185 جوابدارن مان 108 جوابدارن کي ڏوهاري قرار ڏيندي سزائون ٻڌايون ۽ 77 جوابدارن کي شڪ جو فائدو ڏيندي بري ڪري ڇڏيو.عدالت غلام محمد آباد ٿاڻي جي ڪيس نمبر 1277 جي فيصلي ۾ 66 جوابدارن مان 60 جوابدارن کي ڏوهه قرار ڏيندي سزا ٻڌائي جڏهن ته 6 جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو. انهي موقعي تي عدالت جي اندر ۽ ٻاهر سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا.عدالت طرفان ٻڌايل فيصلي ۾ قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن اڳواڻ عمر ايوب، قومي اسيمبلي ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي پارلياماني اڳواڻ زرتاج گل ۽ سينيٽ ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي پارلياماني اڳواڻ شبلي فراز کي 10-10 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي.سني اتحاد ڪونسل جي چيئرمين حامد رضا کي به 10 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي، علي افضل ساهي کي 3 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي جڏهن ته اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري ۽ قومي اسيمبلي ميمبر زين قريشي ۽ خيال ڪاسترو کي بري ڪيو ويو آهي.ياد رهي ته سپريم ڪورت دهشتگردي جي انت واري عدالتن کي حڪم ڏنو هو ته اهي 9 مئي جي ڪيسز ۾ عدالتي ڪارروائي مڪمل ڪندي انهي تي فيصلو ٻڌائين ۽ سپريم ڪورٽ طرفان ڏنل ڊيڊ لائن ايندڙ مهيني ختم ٿي رهي آهي.ياد رهي ته 9 مئي تي پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان جي گرفتاري کان پوءِ سموري ملڪ ۾ پرتشدد مظاهرا ٿيا هئا جن ۾ سرڪاري ۽ عسڪري عمارتن کي نقصان پهچايو ويو هو، اهڙن واقعن تي مختلف شهرن ۾ دهشتگردي جي انت واري عدالتن ۾ ڪيس قائم ڪيا ويا هئا، فيصل آباد ۾ اهي ڪيس پوليس جي مدعيت ۾ داخل ٿيا هئا.
