اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته ڀارت ڏکڻ ايشيا جي امن جي لاءِ وڏو خطرو آهي، ڀارت پاڪستان ۾ دهشتگردن جي پٺڀرائي ڪري رهيو آهي، پهلگام واقعي جو اسان مٿان بي بنياد الزام هنيو ويو، اسان غيرجانبداراڻي جاچ جي آڇ ڪئي ته ڀارت ان جو جواب ڏيڻ بدران جنگي ماحول ۾ اضافو ڪيو، ڀارت پاڻي کي هٿيار جي طور تي استعمال ڪري رهيو آهي، پاڻي اسان جي بقاءَ آهي، ان تي ڪو ٺاهه نه ٿيندو، بيانيي ۽ سفارتي محاذ تي ڪاميابي ۽ امن جي خواهش رکڻ جي باوجود اسان ثابت ڪيو ته اسان اشتعال انگيز جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جي صلاحيت رکون ٿا، معرڪه حق کانپوءِ ڪشمير مسئلو عالمي سطح تي ٻيهر زندهه ٿي ويو آهي، ڪشمير مسئلي جي حل کانسواءِ خطي ۾ پائيدار امن ممڪن نه آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مقامي هوٽل ۾ انسٽيٽيوٽ آف ريجنل اسٽڊيز (آءِ آر ايس) جي اهتمام هيٺ ڏکڻ ايشيا ۾ امن قائم ڪرڻ تي پاليسي ڊائيلاگ کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اڄ جي هن اهم ويهڪ ۾ شرڪت منهنجي لاءِ فخر جوڳي آهي. هن مڪالمي جي اهتمام تي انسٽيٽيوٽ آف ريجنل اسٽڊيز ۽ بيڪن هائوس سينٽر فار پاليسي اينڊ ريسرچ جو دل سان ٿورائتو آهيان. هن چيو ته جيستائين ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام جو تعلق آهي، پاڪستان جو موقف سدائين واضح، مستقل ۽ غير مبهم رهيو آهي. پاڪستان هڪ پرامن ملڪ آهي ۽ ان سدائين هن خطي ۾ استحڪام، مفاهمت ۽ مڪالمي کي فروغ ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته هن خطي ۾ جيڪا خرابي اسان ڏسي رهيا آهيون اها ڀارت ۾ وڌندڙ بي بنياد پرستي ۽ انتهاپسندي سان سڌوسنئون لاڳاپو رکي ٿو. هندوتوا نظريي جهڙي طرح مقبوليت حاصل ڪئي آهي ۽ جنهن انداز ۾ ان جي تشهير ڪئي پئي وڃي اهو هن خطي کي درپيش سڀ کان وڏو خطرو آهي. هن چيو ته پاڪستان امن جو خواهشمند اهي ۽ اهو ثابت به ڪيو آهي ته جيڪڏهن پاڪستان تي ڪا اشتعال انگيز ۽ بنا جواز جنگ مڙهي وئي ته اسان وٽ ان جو موثر جواب ڏيڻ جي صلاحيت موجود آهي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ ٻاهرئين فنڊنگ جا ثبوت موجود آهن ۽ ڀارت ان ۾ وڏي حد تائين ملوث آهي جيڪو اسان جي صوبن ۾ بدامني ۽ امن امان جي صورتحال پيدا ڪري رهيو آهي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان پاڻ دهشتگردي جو شڪار رهيو آهي، هن جنگ ۾ پاڪستان 90 هزار کان وڌيڪ جانين جو نذرانو ڏنو آهي، ڇا دنيا جو ڪو ٻيو ملڪ آهي جنهن دهشتگردي جي خلاف ايتري وڏي قيمت ادا ڪئي هجي؟ هن چيو ته اسان پنهنجي زمين تي دهشتگردي کي روڪيو جيڪا باقي دنيا جي لاءِ خطرو بڻجي سگهي پئي. اسان جي ٻارن، عوام، پوليس، فوج ۽ ادارن جون قربانيون رڳو پاڪستان جي لاءِ نه آهن پر دنيا جي سلامتي جي لاءِ آهن، جيڪڏهن پاڪستان اهي قربانيون نه ڏنيون هجن ها ته اهي دهشتگرد جن کي اسان روڪيو اڄ دنيا جي وڏن شهرن ۾ آزاد گهمي رهيا هجن ها. هن چيو ته جڏهن پاڪستان تي اهو الزام هنيو ويو ته پاڪستان پهلگام واقعي جو ذميوار آهي ته اسان پنهنجو موقف پيش ڪيو ته هڪ اهڙو ملڪ جيڪو پاڻ اڄ به انهن ئي دهشتگردن جي هٿان متاثر آهي اهو ڪيئن اهڙن قدمن جي پٺڀرائي ڪري سگهي ٿو؟ اسان روزاني جي بنياد تي اهڙن واقعن کي منهن ڏئي رهيا آهيون. هن چيو ته ڀارت ۾ هڪ واقعو پيش آيو ۽ هن بي بنياد الزام هڻڻ شروع ڪري ڇڏيا. هن چيو ته جڏهن وزيراعظم محمد شهباز شريف پهلگام واقعي جي غيرجانبداراڻي جاچ جي آڇ ڪئي ته ڀارت ان جو جواب ڏيڻ بدران جنگي جنون ۽ جنگي ماحول ۾ اضافو ڪيو. هن چيو ته اسان جا اتحادي ۽ دوست ملڪ ان سڄي بحران ۾ اسان سان گڏ بيٺل رهيا، اسان کي سفارتي محاذ تي ڪاميابي ملي، اسان ڏٺو ته اسان جي بيانيي جي بنياد تي ڀارت ۾ سوال اٿاريا ويا ۽ اهي سوال اڄ به اٿاريا پيا وڃن. هن چيو ته نريندر مودي ڪڏهن به ايتري ڪمزور پوزيشن ۾ نه هو جيترو هو هينئر آهي ڇو ته ڀارت جي سول سوسائٽي، ميڊيا، دانشور طبقو ۽ اپوزيشن سڀ ان جي پاليسين تي سوال اٿاري رهيا آهن ته بنا ڪنهن جاچ جي رڳو هڪ واقعي جي بنياد تي هن جارحيت جو رستو اختيار ڪيو ۽ پاڪستان ۾ معصوم شهرين کي نشانو بڻايو. هن چيو ته پهلگام واقعي جي فوري بعد آئون صحافين جي هڪ گروپ کي ڪشمير جي علائقي بيلانور شاهه وٺي ويس هتي ڀارتي ميڊيا دعويٰ ڪئي هئي ته دهشتگردن جون ڪئمپون آهن ۽ اسان انهن کي ڏيکاريو ته اتي زندگي معمول موجب جاري آهي. اسان سان گڏ عالمي ميڊيا جا دوست پڻ هئا جن ڏيکاريو ته اهو هڪ پرامن علائقو آهي، الزام انهي منصوبي جو حصو هئا ته صحافين کي مريدڪي ۽ بهاولپور وٺي وڃڻ کان روڪيو وڃي ته جيئن اهو تاثر ختم نه ٿئي ته اتي دهشتگردي جون ڪئمپون آهن ۽ جنهن ڏينهن اسان کي سفر ڪرڻو هو ان کان هڪ رات اڳ ڀارت اهي حملا ڪيا. وفاقي وزير چيو ته بيانيي جي محاذ ۽ سفارتي محاذ تي ڪاميابي ۽ امن جي خواهش رکڻ جي باوجود اسان اهو ثابت ڪيو ته اسان جي امن جي خواهش کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي. هن چيو ته ڀارت اسان جي امن جي خواهش کي ڪمزوري سمجهيو، اسان جي هٿياربند فوج ۽ بهادر سپاهين پاران جيڪو ردعمل ڏنو ويو ان ڀارت کي اسان جي عسڪري طاقت جو اندازو ڪرائي ڇڏيو ته اسان اشتعالانگيز جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جي صلاحيت رکون ٿا. هن چيو ته پهلگام واقعي کان اڳ پاڻي کي بطور هٿيار استعمال ڪرڻ جي سوچ هئي. هن چيو ته جڏهن ڪير امن کي نقصان پهچائڻ چاهي ٿو ته اهو سدائين ڪنهن عالمي معاهدي ۾ مداخلت ڪرڻ جو سوچي ٿو. اهو ڪيئن ممڪن آهي ته هڪ عالمي معاهدي کي هڪطرفي طور تي ٻي ڌر جي رضامندي کانسواءِ معطل ڪيو وڃي يا معطل رکيو وڃي. هن چيو ته ڀارت جي اها ئي سوچ هئي ته پاڻي کي هٿيار جي طور تي استعمال ڪيو وڃي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان صحيح وقت تي قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس گهرايو ۽ اهو واضح پيغام ڏنو ته پاڻي اسان جي بقاءَ آهي، ان تي ڪو ٺاهه نه ڪنداسين، پاڻي جي وهڪري کي روڪڻ يا متاثر ڪرڻ جي ڪنهن به ڪوشش جو فيصلائتو جواب ڏنو ويندو. اهو واضح پيغام هو، اهو قدرتي وسيلو اسان جي 24 ڪروڙ عوام جو حق آهي، ان جي خلاف ورزي برداشت نه ڪئي ويندي. هن چيو ته ڀارت ڪيترائي محاذ کولي ڇڏيا ڇو ته ان ”اڀرندڙ ڀارت“ جي ڪوڙي تصوير تي اهي پاڻ يقين ڪري ويٺا هئا ۽ حقيقت اها آهي ته اهو تصور انتهائي ڪمزور بنيادن تي بيٺل هو ۽ جڏهن ان کي قانوني، سفارتي، عسڪري ۽ بيانيي جي سطح تي ختم ڪيو ويو ته اهو مڪمل طور تي ناڪام ٿيو. هن چيو ته جنگ کانپوءِ جي منظرنامي کي ڏٺو وڃي ته اسان چئون ٿا ته اسان امن چاهيون ٿا پر اهو امن گڏيل احترام ۽ سمورن تڪرارن بشمول ڪشمير جي حل تي ٻڌل هجڻ گهرجي. ان سڄي منظرنامي جو هڪ مثبت رخ اهو آهي ته ڪشمير مسئلو ٻيهر اجاگر ٿيو آهي ۽ مختلف موقعن تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪشمير مسئلي جي حل تي زور ڏنو آهي. هن چيو ته ڀارت معصوم ڪشميرين جا حق غضب نه ٿو ڪري سگهي، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جو احترام لازمي آهي. وفاقي وزير چيو ته هن خطي ۾ امن جي لاءِ پاڪستان سدائين پنهنجو ڪردار ادا ڪيو، پاڪستان اڳتي به پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو ۽ ان تازي ڇڪتاڻ دنيا کي اهو باور ڪرائي ڇڏيو آهي ته اسان هڪ قوم جي طور تي نه رڳو اشتعال انگيز جارحيت جو جواب ڏئي سگهون ٿا پر سفارتي ميدان ۾ به اسان وٽ پنهنجي ڳالهه مڃرائڻ جي صلاحيت ۽ مهارت موجود آهي.
