اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ واپاري معاهدي جو مقصد ٻه طرفي واپار کي هٿي ڏيڻ، هڪ ٻئي جي مارڪيٽن تائين پهچ کي وڌائڻ، سيڙپڪاري جو ڌيان ڇڪائڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ سهڪار کي هٿي ڏيڻ آهي. ناڻي واري وزارت طرفان جاري بيان مطابق ان ڳالهه جو اظهار ناڻي واري وزير سينيٽر محمد اورنگزيب آمريڪي واپار واري وزير ۽ آمريڪي واپاري نمائندي (يو ايس ٽي آر) جيسمين گرير سان ملاقات دوران ڪيو. ان ملاقات کانپوءِ پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ واپاري معاهدو طئي ٿيڻ جو اعلان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سوشل ميڊيا تي پنهنجي پوسٽ ذريعي ڪيو. ناڻي وزارت مطابق ملاقات ۾ سيڪريٽري ڪامرس جواد پال ۽ آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير رضوان سعيد شيخ به موجود هئا. ان معاهدي جي نتيجي ۾ گڏيل ٽيرف خاص طور تي آمريڪا ۾ پاڪستاني مصنوعات تي لڳل ٽيرف ۾ گهٽتائي ايندي، اهو معاهدو ٻنهي ملڪن وچ ۾ اهم اقتصادي شعبن خاص طور تي توانائي، معدنيات، آءِ ٽي، ڪرپٽو ڪرنسي ۽ ٻين ۾ اقتصادي سهڪار جي هڪ نئين دور جي شروعات جو سبب بڻجندو. اهو معاهدو آمريڪا سان پاڪستان جي واپاري لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ خاص طور تي انهن لاڳاپن کي آمريڪي رياستن تائين وڌائڻ جي حوالي سان جاري ڪوششن ۾ مددگار ثابت ٿيندو. ان تحت ٻنهي ملڪن کي هڪ ٻئي جي مارڪيٽن تائين پهچ ملندي. ان معاهدي سان پاڪستان جي بنيادي ڍانچي ۽ ترقياتي منصوبن ۾ آمريڪي سيڙپڪاري ۾ اضافو متوقع آهي، اهو واپاري معاهدو ٻنهي ملڪن جي قيادت طرفان ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ واپار ۽ سيڙپڪاري رابطن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ سمورين ڪوششن کي استعمال ڪرڻ جي عزم جي نشاندهي ڪري ٿو.
