ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ حڪومت جو جعلي ڀاڻ ۽ زرعي دوائن خلاف پوري صوبي ۾ ڪريڪ ڊائون ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان سلسلي ۾، سنڌ سيڪريٽريٽ، ڪراچي ۾ سيڪريٽري زراعت جي آفيس ۾ هڪ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سنڌ جي وزير زراعت سردار محمد بخش مهر ۽ سيڪريٽري زراعت محمد زمان ناريجو صوبي جي اهم هاري اڳواڻن سان صلاح مشورو ڪيو. اجلاس ۾ هاري اڳواڻ سيد نديم شاهه ڄاموٽ، رياض احمد آرائين، امتياز علي سومرو ۽ عارف نذير قائمخاني شرڪت ڪئي، جڏهن ته ڊپٽي سيڪريٽري احمد علي شيخ، ڊي جي زراعت سيد نديم شاهه، منير احمد جماڻي، ڊي جي مارڪيٽ ڪميٽي شريف عباسي ۽ ڊي جي زرعي ايڪسٽينشن ڊاڪٽر مظهر ڪيريو سميت زراعت کاتي جا اعليٰ آفيسر پڻ موجود هئا. اجلاس ۾ سنڌ سيڊ ايڪٽ جي اثرائتي عملدرآمد، تصديق ٿيل ڪپهه جي قسمن، 3G ڀاڻ جي کوٽ ۽ زرعي شين جي مسلسل فراهمي جهڙن اهم معاملن تي تفصيل سان خيالن جو ڏي وٺ ڪيو ويو . سنڌ جي زراعت کاتي جي ترجمان موجب، ٽنڊي الهيار ۾ ٽماٽو، انب ۽ ڪيلي جي پوک، قيمت تي ضابطو ۽ فراهمي سان لاڳاپيل معاملا بحث هيٺ آيا ، جڏهن ته ٿر جي علائقن ۾ اسپغول ۽ تصديق ٿيل بصرن جي ٻج جهڙن مفيد ٻوٽن جي دستيابي تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. آبادگارن جي نمائندن زراعت واري وزير کي پاڻي جي کوٽ، جعلي زرعي دوائن ۽ ڀاڻ جهڙن مسئلن بابت آگاهي ڏني، جنهن تي زراعت واري وزير لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي ته فوري طور تي ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ روزاني بنيادن تي جعلي زرعي شين خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. زراعت واري وزير سردار محمد بخش مهر چيو ته آبادگارن کي پاڻي جي وقت سر فراهمي لاءِ آبپاشي کاتي سان ڳالهيون ڪيون وينديون. هن واضح ڪيو ته موسمياتي تبديلي ۽ پاڻي جي کوٽ زراعت جي شعبي کي خراب طور تي متاثر ڪري رهي آهي، جنهن لاءِ اثرائتا قدم کڻڻ ضروري آهن. هن جديد زرعي رجحانات کي اپنائڻ ۽ ضلعي سطح تي زرعي نگراني ٽيمن کي فعال ڪرڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن زراعت جي شعبي کي خودڪفيل بڻايو وڃي، ته جيئن معياري ٻج ۽ ڀاڻ جي فراهمي کي يقيني بڻائي سگهجي. زراعت واري وزير آفيسرن کي هدايت ڪئي ته روايتي فصلن سان گڏ تِل، ادرڪ ۽ ٻين منافع بخش فصلن جي پوک لاءِ سنڌ جي آبادگارن کي مڪمل رهنمائي فراهم ڪئي وڃي، ته جيئن نه رڳو زرعي پيداوار وڌي پر آبادگارن جي آمدني به بهتر ٿئي. ان موقعي تي آبادگار اڳواڻ سيد نديم شاهه ڄاموٽ چيو ته سنڌ جا آبادگار پاڻي جي کوٽ، جعلي ڀاڻ ۽ زرعي بحران کي منهن ڏئي رهيا آهن. هن تجويز ڏني ته ٿر جهڙن علائقن ۾ اسپغول ۽ تصديق ٿيل بصرن جهڙا فصل پوکي سگهجن ٿا، جيڪي مقامي معيشت کي مستحڪم ڪري سگهن ٿا.
