جنيوا (مانيٽرنگ ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق پنهنجي ايران جي هم منصب ڊاڪٽر محمد باقر قاليباف سان ملاقات ڪئي. ملاقات جنيوا ۾ ٿيندڙ 6 هين عالمي اسپيڪرز ڪانفرنس جي سائيڊ لائن تي ٿي. اسپيڪر ڳالهه ٻولهه ۾ چيو ته پاڪستان ۽ ايران وچ تاريخي ڀائراڻا دوستاڻا لاڳاپا آهن. ٻنهي اسپيڪرز ٻه طرفن پارلياماني لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. سردار اياز صادق چيو ته پاڪستان ايران جي خودمختياري ۽ سلامتي جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو. وچ اوڀر ۾ پائيدار امن خطي جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ اڻٽر آهي. ايران تي اسرائيلي حملو عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهي. پاڪستان سمورن عالمي تڪرارن جو ڳالهين ذريعي پرامن حل جو خواهشمند آهي. پاڪستان ايران جي ايٽمي پروگرام جو ڳالهين ذريعي پرامن حل چاهي ٿو. پاڪستان جي پارليامينٽ ايران تي اسرائيلي جارحيت خلاف متفقا ٺهراءُ منظور ڪيا. ايراني اسپيڪر ڊاڪٽر محمد باقر قاليباف ايران تي اسرائيلي جارحيت خلاف پاڪستان طرفان حمايت جو ٿورو مڃيو ۽ چيو ته ايران ۽ پاڪستان وچ ۾ مضبوط ڀائراڻا ۽ دوستاڻا لاڳاپا موجود آهن. ايران پاڪستان سان پنهنجن ڀائراڻن لاڳاپن کي قدر جي نظر سان ڏسي ٿو. پاڪستان جي پارليامينٽ ۽ عوام طرفان حمايت کي ايران جو عوام هميشه ياد رکندو.
