واشنگٽن: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن ۾ وڏي اڳڀرائي، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري معاهدو مڪمل ٿي چڪو آهي.سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ صدر ٽرمپ چيو ته پاڪستان سان ٽريڊ ڊيل حتمي شڪل اختيار ڪري چڪي آهي هاڻ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ توانائي جي شعبي، خاص طور تي تيل جي شين جي ترقي لاءِ گڏيل ڀائيواري سان ڪم ڪنداسين.صدر ٽرمپ چيو ته اسان هن وقت هڪ آئل ڪمپني جي چونڊ جي مرحلي ۾ آهيون جيڪا هن پارٽنرشپ جي قيادت ڪندي. هن مستقبل جي جهلڪ ڏيکاريندي چيو ته ممڪن آهي ته هڪ ڏينهن پاڪستان، ڀارت کي تيل وڪرو ڪندي نظر اچي.هوڏانهن تجزيه ڪارن جو چوڻ آهي ته اهو معاهدو نه صرف پاڪستان جي معيشت لاءِ خوشي جوڳو آهي، پر خطي ۾ توانائي جي توازن کي به متاثر ڪري سگهي ٿو.ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ئي صدر ٽرمپ ڀارت تي سخت تنقيد ڪندي انهي تي 25 سيڪڙو ٽيرف ۽ اضافي ڏنڊ جو اعلان ڪيو هو جنهن کان پوءِ پاڪ آمريڪا واپاري معاهدو نئين طريقي سان اڳيان وڌڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.
