بريڪنگ نيوز

پاڪستان پنهنجو ريموٽ سينسنگ سيٽلائيٽ خلا ۾ موڪلي ڇڏيو

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان خلائي تحقيق ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ هڪ اهم سنگ ميل عبور ڪندي اڄ چين جي زچانگ سيٽلائيٽ لانچ سينٽر (ايڪس ايس ايل سي) تان پنهنجو ريموٽ سينسنگ سيٽلائيٽ ڪاميابي سان خلا ۾ موڪلي ڇڏيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب اهو سيٽلائيٽ اعليٰ معيار جون ڪيتريون ئي تصويرون 24 ڪلاڪ فراهم ڪندو جنهن سان پاڪستان جي شهري منصوبابندي، بنيادي ڍانچي جي ترقي، آفتن جي انتظام ۽ خاتمي، زرعي نگراني، فوڊ سيڪيورٽي، ماحولياتي تحفظ، ٻيلن جي واڍيءَ جي نگراني، موسمياتي تبديلين جي تجزيي ۽ پاڻي وسيلن جي انتظام جي صلاحيتن ۾ نمايان اضافو ٿيندو. پاڪستان جي قومي خلائي ايجنسي اسپارڪو چائنا اليڪٽرانڪس ٽيڪنالاجي گروپ ڪارپوريشن (سي سي ٽي سي) ۽ مائيڪرو سيٽ چائنا جي سهڪار سان ان سيٽلائيٽ کي خلا ۾ موڪليو آهي. اهو سيٽلائيٽ هڪ ٺوس ارٿ آبزرويشن سسٽم جو بنياد آهي جيڪو پائيدار سماجي ۽ معاشي ترقي کي فروع ڏيندو ۽ سڄي ملڪ ۾ زندگي جي معيار کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد فراهم ڪندو. ان ڪاميابي سان پاڪستان خلائي تحقيق ڪندڙ ملڪن جي برادري ۾ پنهنجو مقصد مضبوط ڪري ورتو آهي. جتي جدت طرازي جي ذريعي هڪ محفوظ، پائيدار ۽ خوشحال مستقبل جي راهه هموار ڪئي پئي وڃي. نائب وزيراعظم/ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اسپارڪو پاڪستان ۽ سي ايس ٽي سي ۽ مائيڪرو سيٽ چائنا جي انجنيئرز، سائنسندانن ۽ ٽيڪنيڪل ٽيمن جي محنت ۽ مثالي تعاون کي ساراهيو آهي جن ان مشن ۾ بي مثال عزم جو مظاهرو ڪيو.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

رائيٽ بئنڪ تي بندن ۾ 5 کان 6 هنڌن تي بريچ جو خدشو، ڪجهه بند ليڪ ٿي سگهن ٿا: وڏو وزير

ڪراچي: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پنجاب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے