بريڪنگ نيوز

انساني اسمگلنگ سنگين جرم ، حڪومت پاڙ کان ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته انساني اسمگلنگ عالمي سطح تي هڪ منظم ڏوهه جي شڪل اختيار ڪري چڪي آهي، وفاقي حڪومت انساني اسمگلنگ ۽ ان سان واڳيل افسوسناڪ واقعن جي وقت سر روڪٿام جي لاءِ هڪ خصوص ٽاسڪ فورس ٺاهي آهي ته جيئن ڏوهارين کي منطقي انجام تائين پهچائي سگهجي، اڄ جو ڏينهن عزم ورجائڻ جو بهترين موقعو آهي ته وفاقي حڪومت، صوبائي حڪومتون، پرڏيهي وزارت، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ۽ انٽيلي جنس ادارا گڏيل هصيداري سان انساني اسمگلنگ جي مڪروهه ڏوهه جي تدارڪ ۾ پنهنجو مثالي ڪردار ادا ڪندا رهندا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب انساني اسمگلنگ جي خلاف عالمي ڏينهن جي حوالي سان وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي پيغام ۾ چيو ته هر سال انساني اسمگلنگ جي خلاف عالمي ڏينهن ان ڀيانڪ ڏوهه جي روڪٿام سان گڏوگڏ ان جي محرڪات ۽ مڪروهه اثرن کي اجاگر ڪرڻ ۽ عوامي آگاهي جي لاءِ ملهايو وڃي ٿو. هن چيو ته انساني اسمگلنگ جي خلاف عالمي ڏينهن هن سال ”انساني اسمگلنگ هڪ منظم گروهي ڏوهه – استحصال جو خاتمو“ جي عنوان سان ملهايو پيو وڃي، ڏوهاري ماڻهو سڄي دنيا ۾ فڪر ۾ ورتل روزگار جي ڳولا ڪندڙ شهرين کي انساني اسمگلنگ جي ذريعي استحصال جو نشانو بڻائين ٿا، انساني اسمگلنگ عالمي سطح تي هڪ منظم ڏوهه جي شڪل اختيار ڪري ويو آهي. هن چيو ته گذريل ڪيترن ئي سالن ۾ پاڪستان جي ٻاهرئين ملڪ رهندڙن جي غيرقانوني طور تي ٻاهرئين ملڪ وڃڻ جي ڪوشش ۾ سمنڊ ۾ ٻڏي وڃڻ جا افسوسناڪ واقعن انساني اسمگلنگ جي خطرناڪ ۽ مڪروهه چهري کي وڌيڪ بي نقاب ڪيو آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت انساني اسمگلنگ ۽ ان سان واڳيل افسوسناڪ واقعن جي وقت سر روڪٿام جي لاءِ هڪ خصوصي ٽاسڪ فورس ٺاهي ته جيئن ڏوهارين کي منطقي انجام تائين پهچائي سگهجي. هن چيو ته اها ڳالهه اطمينان جوڳي آهي ته ٽاسڪ فورس انتهائي محنت ۽ حڪمت عملي سان انساني اسمگلنگ جي ڳنڀير ڏوهه جي سببن، محرڪات ۽ اثرن جي خاتمي جي لاءِ موثر طور تي ڪم ڪيو. هن چيو ته وفاقي حڪومت ۽ خاص طور تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن، ايف آءِ اي ۽ انٽيلي جنس بيورو انساني اسمگلنگ جي گروهن جي ڪاررواين کي ساراهه جوڳي حد تائين گهٽ ڪيو آهي، انهن واقعن ۾ ملوث سرڪاري اهلڪارن کي پڻ قانون جي ڪٽهڙي ۾ بيهاريو ويو. شهباز شريف چيو ته حڪومت عوام کي ٻاهرئين ملڪ روزگار جي موقعن ۽ انهن جي قانوني طور تي حاصل ڪرڻ بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي حوالي سان پنهنجي فرضن کان غافل نه آهي، پاڪستان حڪومت پنهنجي شهرين جي معاشي ترقي جي لاءِ اندرون ۽ ٻاهرئين ملڪ بهترين معاشي موقعا پيدا ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور ڪم ڪري رهي آهي پر بهتر مستقبل حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ ڪنهن به گمراهه ڪندڙ رستي کي اختيار ڪرڻ نه رڳو پنهنجي جان کي خطري ۾ وجهڻ جي برابر آهي پر ملڪي ۽ عالمي قانونن جي خلاف ورزي به آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان انساني اسمگلنگ روڪڻ جي حوالي سان سمورن اهم فورمز ۾ فعال طور تي حصو ورتو آهي جن ۾ بداپسٽ پراسيس، سلڪ روٽ جي ملڪن، بالي پراسيس، ڏکڻ اوڀر ايشيا، آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ شامل آهن ۽ اسٽارسم پروجيڪٽ جيڪو آفريقا ۽ آمريڪا تائين پکڙيل آهي. انهن پليٽ فارمز جي ذريعي اسان علائقائي تعاون وڌائڻ سان گڏوگڏ اسمگلنگ کي روڪڻ ۽ پنهنجي معاشي جي معاشي طور تي ڪمزور طبقي جي حفاظت جي لاءِ پنهنجي گڏيل ڪوششن کي مضبوط ڪري رهيا آهيون. وزيراعظم چيو ته اڄ جو ڏينهن عزم ورجائڻ جو بهترين موقعو آهي ته وفاقي حڪومت، صوبائي حڪومتون،  پرڏيهي وزارت، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ۽ انٽيلي جنس ادارا گڏيل حصيداري سان انساني اسمگلنگ جي مڪروهه چهري جي تدارڪ ۾ پنهنجو مثالي ڪردار ادا ڪندا رهندا، پاڪستان عالمي سطح تي به ان ڏوهه جي تدارڪ جي حوالي سان پنهنجو موثر ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

عوام احتجاج جي ڪال رد ڪري ڇڏي، بي مقصد احتجاج جي ڪالن جو اهو ئي نتيجو نڪري ٿو: عطاءُ الله تارڙ

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے