واشنگٽن (مانيٽرنگ ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ ڀيرو ٻيهر ڀارت تي سخت تنقيد ڪندي ان تي 25 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪرڻ ۽ اضافي ڏنڊ مڙهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. آمريڪي صدر پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽفارم”ٽروٿ سوشل“ تي پوسٽ ڪندي چيو ته ڀارت آمريڪا جو سٺو دوست آهي ۽ منهنجي چوڻ تي پاڪستان سان جنگ پڻ ختم ڪئي هئي، پر ان سان معاهدو طئي ناهي ٿيو. سندس چوڻ هو ته اسان ڀارت سان تمام گهٽ واپار ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته ڀارت جا ٽيرف تمام گهڻا آهن ۽ ان جي لاڳو ڪيل غير مالياتي رڪاوٽون انتهائي سخت ۽ ناقابل قبول آهن. ٽرمپ وڌيڪ چيو ته ڀارت اڪثر هٿيار روس کان وٺندو آهي ۽ چين سان گڏ روسي توانائيءَ جو به وڏو خريدار آهي، جڏهن ته هي سڀ ڪجهه ان وقت ٿي رهيو آهي، جڏهن دنيا چاهي ٿي ته روس يوڪرائن ۾خوني ويڙهه بند ڪري. هن چيو ته انهن سببن جي بنياد تي، پهرين آگسٽ کان ڀارت تي 25 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪيو ويندو، جڏهن ته ان سان گڏوگڏ اضافي ڏنڊ پڻ هنيو ويندو. گذريل ڏينهن به ٽرمپ ڀارت تي 25 سيڪڙو ٽيڪس لڳائڻ جي ڌمڪي ڏني هئي. صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو هوته جيڪڏهن ڀارت تجارتي معاهدو نه ڪيو ته ان 25 سيڪڙو ٽيرف ڏيڻو پوندو. ٽرمپ چيو ته ڀارت سٺو دوست رهيو آهي، پر هن تقريبن سڀني ملڪن کان وڌيڪ ٽيرف وصول ڪيا آهن.
