بريڪنگ نيوز

آپريشن سندر بابت ڀارت جا بي بنياد ۽ چڙ ڏياريندڙ بيان رد ڪري ڇڏيا: پاڪستان

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان، آپريشن سندر بابت ڀارت جا بي بنياد ۽ چڙ ڏياريندڙ بيان رد ڪري ڇڏيا. پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو آهي ته پاڪستان ڀارتي پارليامينٽ جي هيٺين ايوان ”لوڪ سڀا“ ۾ ”آپريشن سندور” بابت ڀارتي حڪمرانن جا بيان رد ڪريون ٿا. ڀارتي اڳواڻن جا الزام ۽ چڙ ڏياريندڙ دعوائون بي بنياد آهن. ترجمان جو چوڻ هو ته ڀارتي بيان حقيقتن کي ٽوڙڻ ۽ جارحيت کي جائز قرار ڏيڻ جي ڪوشش آهن، ڀارت، پهلگام حملي جي جاچ کانسواءِ پاڪستان تي حملو ڪيو، 6 ۽ 7 مئي جي وچ واري رات ڀارت جي حملي ۾ معصوم شهري شهيد ٿيا. ترجمان چيو ته ڀارت پنهنجا اسٽريٽجڪ هدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو، جڏهن ته پاڪستان ڀارتي جهازن ۽ هدفن کي نشانو بڻائي ڪاميابي حاصل ڪئي. پرڏيهي کاتي جي ترجمان جو چوڻ هو ته ڀارتي اڳواڻ پنهنجو نقصان تسليم ڪن ۽ ٽئين ڌر جي ڪردار کي قبولين پاڪستان جي شفاف، آزاداڻي جاچ جي آڇ ڀارت رد ڪئي، ڀارت جارحيت جو رستو اختيار ڪيو ۽ پاڻ ئي جج، جيوري ۽ ايگزيڪيوشن بڻجي ويو، مئي 2025 ۾ پاڪستان ڀارتي جارحيت جو ڀرپور جواب ڏنو. ترجمان چيو ته آپريشن مهاديو بابت ڀارتي دعوائن کي پاڪستان ڪا اهميت نٿو ڏئي. ڀارتي گهرو وزير امت جو بيان ڪوڙ ۽ افسانن تي ٻڌل آهي، جڏهن ته پهلگام حملي جا مبينا جوابدار لوڪ سڀا ۾ بحث جي شروعات ۾ ئي مارجي ويا هئا.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

عوام احتجاج جي ڪال رد ڪري ڇڏي، بي مقصد احتجاج جي ڪالن جو اهو ئي نتيجو نڪري ٿو: عطاءُ الله تارڙ

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے