بريڪنگ نيوز

آپريشن سندر بابت ڀارت جا بي بنياد ۽ چڙ ڏياريندڙ بيان رد ڪري ڇڏيا: پاڪستان

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان، آپريشن سندر بابت ڀارت جا بي بنياد ۽ چڙ ڏياريندڙ بيان رد ڪري ڇڏيا. پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو آهي ته پاڪستان ڀارتي پارليامينٽ جي هيٺين ايوان ”لوڪ سڀا“ ۾ ”آپريشن سندور” بابت ڀارتي حڪمرانن جا بيان رد ڪريون ٿا. ڀارتي اڳواڻن جا الزام ۽ چڙ ڏياريندڙ دعوائون بي بنياد آهن. ترجمان جو چوڻ هو ته ڀارتي بيان حقيقتن کي ٽوڙڻ ۽ جارحيت کي جائز قرار ڏيڻ جي ڪوشش آهن، ڀارت، پهلگام حملي جي جاچ کانسواءِ پاڪستان تي حملو ڪيو، 6 ۽ 7 مئي جي وچ واري رات ڀارت جي حملي ۾ معصوم شهري شهيد ٿيا. ترجمان چيو ته ڀارت پنهنجا اسٽريٽجڪ هدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو، جڏهن ته پاڪستان ڀارتي جهازن ۽ هدفن کي نشانو بڻائي ڪاميابي حاصل ڪئي. پرڏيهي کاتي جي ترجمان جو چوڻ هو ته ڀارتي اڳواڻ پنهنجو نقصان تسليم ڪن ۽ ٽئين ڌر جي ڪردار کي قبولين پاڪستان جي شفاف، آزاداڻي جاچ جي آڇ ڀارت رد ڪئي، ڀارت جارحيت جو رستو اختيار ڪيو ۽ پاڻ ئي جج، جيوري ۽ ايگزيڪيوشن بڻجي ويو، مئي 2025 ۾ پاڪستان ڀارتي جارحيت جو ڀرپور جواب ڏنو. ترجمان چيو ته آپريشن مهاديو بابت ڀارتي دعوائن کي پاڪستان ڪا اهميت نٿو ڏئي. ڀارتي گهرو وزير امت جو بيان ڪوڙ ۽ افسانن تي ٻڌل آهي، جڏهن ته پهلگام حملي جا مبينا جوابدار لوڪ سڀا ۾ بحث جي شروعات ۾ ئي مارجي ويا هئا.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايمان مزاري سان ملاقات جي اجازت نه ملڻ تي شيرين مزاري اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پهچي وئي

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ايمان مزاري سان ملاقات جي اجازت نه ملڻ تي شيرين مزاري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے