اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته 30 جولاءِ تي انساني اسمگلنگ جي خلاف عالمي ڏينهن ملهايو وڃي ٿو جنهن جو مقصد ان حوالي سان خطرن ۾ ورتل ماڻهن جي تحفظ ۽ ان سنگين انساني حقن جي خلاف ورزي بابت شعور اجاگر ڪرڻ آهي، پاڪستان عالمي حصيدار سان گڏجي انساني اسمگلنگ جي خاتمي ۽ انساني استحصال کان پاڪ دنيا قائم ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪندو رهندو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب انساني اسمگلنگ جي خلاف عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر آصف علي زرداري چيو ته 2025ع جو موضوع ”انساني اسمگلنگ منظم ڏوهه آهي: استحصال جو خاتمو ڪريو“ واضح ڪري ٿو ته اهو ڏوهه منظم نيٽ ورڪس جي ذريعي ڪيو وڃي ٿو. صدر آصف علي زرداري چيو ته انساني اسمگلنگ دنيا جي لاءِ هڪ سنگين چئلينج آهي جيڪا لکين ماڻهن کي متاثر ڪري ٿي، غربت، تڪرارن، لاعلمي ۽ غيرمحفوظ هجرت انساني اسمگلنگ جا بنيادي سبب آهن. صدر آصف علي زرداري چيو ته عورتون، ٻار ۽ پٺتي پيل طبقا انساني اسمگلنگ جا سڀ کان وڌيڪ متاثر گروهه آهن، انساني اسمگلر غيرمحفوظ رستن کان هجرت ڪرائين ٿا جيڪا هر سال سوين قيمتي جانين جي زيان جو سبب بڻجي ٿي. صدر آصف علي زرداري چيو ته انساني اسمگلنگ جي خاتمي جي لاءِ عالمي تعاون، عوامي آگاهي ۽ گڏيل ڪوششون لازمي آهن. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان انساني اسمگلنگ جي روڪٿام جي لاءِ سخت قانونن، موثر ۽ جديد قدمن تي عمل پيرا آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان جون لاڳاپيل ايجنسيون انساني اسمگلرز جي نيٽ ورڪس کي ٽوڙڻ ۽ ڏوهارين کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جي لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهيون آهن. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان عالمي حصيدارن سان گڏجي انساني اسمگلنگ جي خاتمي ۽ انساني استحصال کان پاڪ دنيا قائم ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪندو رهندو.
