بريڪنگ نيوز

پي ٽي آءِ باني جي پٽن کي پاڪستان اچڻ کان حڪومت ڇو روڪيندي؟: خواجا آصف

اسلام آباد: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) دفاع واري وزير خواجه آصف پي ٽي آءِ باني عمران خان طرفان پٽن کي پاڪستان اچڻ کان روڪڻ جي عمل کي ڊرامو قرار ڏئي ڇڏيو. گذريل ڏيهن اڊياله جيل ۾ صحافين سان ڳالهين ۾ عمران خان چيو هو ته قاسم ۽ سليمان پاڪستان نه ايندا، منهنجا پٽ ڪنهن به احتجاجي تحريڪ ۾ شريڪ نه ٿيندا نه ئي ڪنهن احتجاجي تحريڪ جي قيادت ڪندا. عمران خان جي فيصلي تي خواجه آصف رد عمل ڏيندي چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني جو ڪوبه عمل سياسي يا مالي منافعي کان سواءِ نه هوندو آهي. ڪيترن ئي ڊرامن مان اهو به هڪ ڊرامو هو، مقصد والد ۽ اولاد جي ملاقات نه سياسي منافعو هو. هن وڌيڪ چيو ته تحريڪ انصاف جا ڪارڪن ۽ انهن جا پٽ اقتدار جي حوس ۽ خواهشن  کي پورو ڪرڻ جي لاءِ استعمال ٿيندا، قربانين جي لاءِ اولاد به ٻين جي ۽ مال به ٻين جو تاريخ ۾ انهي کان وڏي هيرا ڦيري شايد ئي ڪنهن ڪئي هجي. بچاءُ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته پاڪستان ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي ساک مٽي ۾ ملائي ڇڏي ، هاڻ مودي عالمي سطح تي مذاق بڻجي چڪو آهي. پنهنجي بيان ۾ خواجا آصف چيو ته پي ٽي آءِ باني جي پٽن کي پاڪستان اچڻ کان حڪومت ڇو روڪيندي؟، جيڪڏهن هو پاڪستان اچڻ لاءِ وِزٽ، اجازت ۽ شرطون پوريون ڪري اچي سگهن ٿا، ميڊيا ذريعن وٽان ئي خبر پئي آهي ته سندن پيءُ پاڻ کين اچڻ کان روڪيو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ باني جا پٽ فيصلو ڪري رهيا آهن ته ڀلي اچن، اسان جو موقف صرف ايترو آهي ته پي ٽي آءِ تشدد طرف نه وڃي. خواجا آصف چيو ته احتجاج ڪرڻ سياسي پارٽين جو آئيني حق آهي ۽ کين اجازت ڏني ويندي، پر جيڪڏهن پي ٽي آءِ 9 مئي يا 26 نومبر جهڙا واقعا ٻيهر ورجائڻ چاهي ٿي ته ان جي اجازت نه ڏني ويندي. ڀارت طرفان جنگ بابت بيانن تي ردعمل ڏيندي دفاع واري وزير چيو ته نريندر مودي هاڻ سياست ۾ پنهنجي ساک وڃائي ويٺو آهي. هن وڌيڪ چيو ته مودي هاڻ عالمي سطح تي غيرسنجيده بڻجي ويو آهي، جنهن سان هٿ ملائڻ ٿو چاهي اهو هٿ نٿو ملائي. خواجا آصف چيو ته ڀارتي پارليامينٽ ۾ مودي کي شرمندگيءَ جو منهن ڏسڻو پيو، ڀارتي ميڊيا ۽ فوج پاڻ مڃي رهي آهي ته جهاز ڪِريا آهن، مودي کي به هاڻ مڃڻ گھرجي، مودي جو سياسي سج ٻُڏي ويو آهي. خواجا آصف چيو ته عالمي طاقتن طرفان فلسطيني قوم تي بک، ڏڪار ۽ ظلم نازل ڪيو ويو، پر هاڻ سندن قربانين رنگ لاتو آهي، غزا جي ٻارن کي بکيو مارڻ انسانيت لاءِ شرم جوڳو مقام آهي. هن چيو ته برطانيا ۽ فرانس طرفان فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ انتهائي اهم قدم آهي، خاص ڪري برطانيا تي اهو قرض آهي، ڇو ته اسرائيلي رياست جي بنياد وجهڻ جي سازش 1921ع ۾ برطانيا ئي ڪئي هئي. خواجا آصف چيو ته برطانيا کي گهرجي ته هاڻ فلسطيني قوم سان گڏ بيهي، ماضي ۾ ڪيل ظلم جو ازالو ڪري ۽ پنهنجو تاريخي قرض لاهي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

رائيٽ بئنڪ تي بندن ۾ 5 کان 6 هنڌن تي بريچ جو خدشو، ڪجهه بند ليڪ ٿي سگهن ٿا: وڏو وزير

ڪراچي: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پنجاب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے