ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته هو پنهنجي استادن جي اهڙي ئي عزت ڪن ٿا جيئن هو پنهنجي والدين جي ڪن ٿا ڇاڪاڻ تہ انهن استادن سندن مستقبل سنواريو ۽ کين پنهنجي شعبي ۾ مؤثر طريقي سان مقابلو ڪرڻ جي قابل بڻايو. هن زور ڀريو ته استادن کي گهرجي ته هو پنهنجي شاگردن کي معياري تعليم ڏئي اهڙي عزت جا حقدار بڻجن. مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته هر شهري کي پنهنجي استادن جي عزت ڪرڻ گهرجي ۽ علم جي اُڃ انهن معلمين جي احترام ذريعي ئي اجھائي سگهجي ٿي. هن زور ڏنو ته اهڙو احترام صرف معياري تعليم مهيا ڪري حاصل ڪري سگهجي ٿو. اهو اظهار هن اڱاري ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ تعليم کاتي جي اهتمام هيٺ تدريسي لائسنس حاصل ڪندڙ ڪامياب اميدوارن کي لائسنس ڏيڻ واري تقريب ۾ خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ تعليم واري وزير سيد سردار شاهه، لائيو اسٽاڪ واري وزير محمد علي ملڪاڻي، اسڪول ايجوڪيشن سيڪريٽري زاهد عباسي، سفارتڪارن، صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن، تعليمي ماهرن، زندگي ٽرسٽ جي شهزاد راءِ ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن شرڪت ڪئي. مراد علي شاهه سڀني اسٽيڪ هولڊرن، استادن، آفيسرن ۽ ترقياتي شراڪتدارن جو علائقي ۾ تعليمي معيار لاءِ سندن پائيدار وابستگي تي شڪريو ادا ڪيو. هن سنڌ حڪومت جي معياري تعليم لاءِ واعدي جو اعادو ڪندي چيو ته سٺي تعليم جي شروعات قابل استاد کان ٿئي ٿي. وڏي وزير چيو ته سنڌ سڀني صوبن مان تعليم لاءِ سڀ کان وڌيڪ بجيٽ رکندي آهي پر اڃا به وڌيڪ سيڙپڪاري جي ضرورت آهي. تعليم لاءِ خرچ وڌائڻ لاءِ وڌيڪ وسيلا پيدا ڪرڻا پوندا نه ته اهو ناممڪن ٿيندو. مراد علي شاهه ياد ڏياريندي چيو ته ٽي سال اڳ تدريس لائسنس جاري ڪرڻ جو تصور سيد سردار شاهه پيش ڪيو هو ۽ اهو چيو ويو هو ته اهڙو لائسنس رڳو انهن کي ڏنو وڃي جيڪي قوم جي مستقبل کي سنواري رهيا آهن. هن ان قدم کي تدريس جي شعبي ۾ قابليت ۽ جوابدهي کي يقيني بڻائڻ لاءِ اهم قرار ڏنو. تقريب دوران وڏي وزير 646 ڪامياب اميدوارن کي تدريس لائسنس جاري ڪيا جن مان 297 جونيئر ايليمينٽري اسڪول ٽيچرز (JEST) ۽ 195 پري-سروس لائسنس شامل هئا. هن ٻڌايو ته لڳ ڀڳ 4000 اميدوارن مان رڳو 646 امتحان پاس ڪري سگهيا جنهن مان ڪاميابي جي شرح صرف 16 سيڪڙو آهي. هن تعليم جي معيار کي بهتر ڪرڻ لاءِ وڌيڪ محنت جي ضرورت تي زور ڏنو. وڏي وزير حڪومت جي واعدي جو اعادو ڪندي چيو ته سنڌ ٽيچر ايجوڪيشن ڊولپمينٽ اٿارٽي (STEDA) ذريعي نهايت قابل استاد متعارف ڪرايا ويندا. هن افسوس ظاهر ڪيو ته لکين ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن، ۽ چيو ته جيڪي ٻار اسڪولن ۾ پڙهن پيا، انهن کي ڏني ويندڙ تعليم جو به سخت جائزو وٺڻ گهرجي. تعليم جي معيار ۾ گذريل چاليهه-پنجاهه سالن جي زوال بابت ڳالهائيندي هن چيو ته ان وقت پرائمري اسڪولن ۾ به معياري تعليم ملندي هئي ۽ استاد خالص ميرٽ تي ڀرتي ٿيندا هئا. مراد علي شاهه موجوده چئلينجن جو اعتراف ڪندي چيو ته جيڪڏهن سڀ ٻار اسڪول ايندا ته حڪومت پنهنجا سڀ وسيلا انهن جي تعليم تي خرچ ڪندي. هن مقامي سطح تي استادن جي ڀرتين بابت خدشن جو پڻ ذڪر ڪيو ۽ تعليمي نظام ۾ شفافيت جي ضرورت تي زور ڏنو. مستقبل جي حڪمت عملي بابت ڳالهائيندي وڏي وزير تدريس لائسنس کي خانگي تعليمي ادارن ۽ ارلي چائلڊ ايجوڪيشن تائين وڌائڻ جي خواهش ظاهر ڪئي. هن سڀني اسٽيڪ هولڊرن کي خاطري ڪرائي ته حڪومت پاليسي تي عملدرآمد جي رنڊڪن کي ختم ڪندي ۽ ان جو دائرو وڌائيندي. مراد علي شاهه هن ڪاميابي کي سنڌ لاءِ فخر جو لمحو قرار ڏيندي چيو ته هي قدم تدريسي پيشواري معيار جي نئين دور جي شروعات آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته لائسنس يافته استاد نئين نسل لاءِ مشعل راه بڻبا. تقريب دوران تعليم واري وزير سيد سردار شاهه چيو ته اڄ جو ڏينهن هن لاءِ خوشيءَ جو لمحو آهي ڇاڪاڻ تہ ٽي سال اڳ ڏٺو ويو خواب هاڻ حقيقت بڻجي چڪو آهي. هن زور ڏنو ته تبديلي کي قبول ڪيو وڃي ٿو پر اها مؤثر به هجي. سيد سردار شاهه چيو ته تدريس لائسنس جو نفاذ تعليمي نظام ۾ اهم تبديليون آڻيندو. هن دلچسپ انداز ۾ ٻڌايو ته ڪجهه ماڻهن لائسنس کي استادن لاءِ ھٿيار لائسنس سمجهي ورتو هو. هن وضاحت ڪئي ته شروعاتي مرحلي ۾ اسين بنا لائسنس استادن کي ڀرتي ڪيو ڇاڪاڻتہ اسان جي ترجيح اسڪول هلائڻ هئي. تعليم واري وزير تصديق ڪئي ته ايندڙ وقت ۾ هر نئون ڀرتي ٿيندڙ استاد پهرين تربيت حاصل ڪندو ۽ صرف لائسنس يافته استادن کي ئي ڀرتي ڪيو ويندو. سردار شاهه زور ڏنو ته تدريس صرف نوڪري نه پر هڪ خدمت ۽ ذميواري آهي، ۽ تربيت يافته استاد نئين نسل جي تياري لاءِ ضروري آهن. هن چيو ته هو پاڻ کي صرف وزير نه پر منتظم تعليم سمجهن ٿا جيڪو ماهرن جي رهنمائي سان فيصلا ڪري ٿو. تقريب ۾ خطاب ڪندڙن ۾ تعليم سيڪريٽري زاهد عباسي، آغا خان يونيورسٽي جو ڊاڪٽر ساجد علي، شهزاد راءِ ۽ اسٽيڊا جو ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر رسول بخش شاهه شامل هئا
