بريڪنگ نيوز

لاڙڪاڻي مان چونڊ وڙهڻ جو اعلان، عوام جي طاقت سان اقتدار ۾ اينداسين: ذوالفقار علي ڀٽو

دادو: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) مير مرتضيٰ ڀٽو جي پٽ ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر پنهنجي پهرين چونڊ لاڙڪاڻي مان وڙهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.دادو ۾ ڳالهيون ڪندي ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر چيو ته ڪنهن سان اتحاد کان سواءِ عوام جي طاقت سان اقتدار ۾ اينداسين. اسان کي نئين سوچ سان اڳيان وڌڻ گهرجي، سنڌ جي زمينن ۽ معدني وسيلن تي  قبضا برداشت نه ڪنداسين.هن چيو ته اسان کي اميرن جيان سياست نه ڪرڻ گهرجي. شهيد مرتضيٰ ڀٽو جو نظريو وڌائڻ جي لاءِ اسان نئين سوچ ۽ نظرئي سان اڳيان وڌنداسين ۽ اسان عوام جي طاقت سان اقتدار ۾ اچڻ چاهيون ٿا.انهي موقعي تي ذوالفقار جونيئر پنهنجي پهرين چونڊ لاڙڪاڻي مان وڙهڻ جو اعلان ڪيو پر هن اهو نه ٻڌايو ته هو لاڙڪاڻي مان ڪهڙي سيٽ تي چونڊ وڙهندو.ياد رهي ته لاڙڪاڻي مان قومي اسيمبلي جون 2 ۽ صوبائي اسيمبلي جون 4 سيٽون آهن جن مان 2024 جي عام چونڊن ۾ بلاول ڀٽو  چونڊن ۾ حصو وٺي چونڊجي چڪو آهي جڏهن ته ماضي ۾ شهيد بينظير ڀٽو ۽ ذوالفقار علي ڀٽو به لاڙڪاڻي کان چونڊون وڙهي ڪاميابي حاصل ڪري چڪا آهن.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

عوام احتجاج جي ڪال رد ڪري ڇڏي، بي مقصد احتجاج جي ڪالن جو اهو ئي نتيجو نڪري ٿو: عطاءُ الله تارڙ

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے