نڪور خبرون
Home / پاڪستان / مريم نواز کي انساني همدردي طور والد سان رهڻ ڏنو:ياسمين راشد

مريم نواز کي انساني همدردي طور والد سان رهڻ ڏنو:ياسمين راشد

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پنجاب جي صحت واري وزير ياسمين راشد چيو آهي ته وزيراعظم هدايت ڏني آهي ته عدالت نوازشريف جي درخواست تي جيڪو فيصلو ڪندي ان کي قبول ڪيو ويندو. لاهور ۾ پريس ڪانفرن ڪندي ياسمين راشد ٻڌايو ته رات دير سان نوازشريف جي طبيعت ڪجهه خراب ٿي هئي پر ڪارڊيالوجسٽ نوازشريف کي ڏٺو ۽ دوائون ڏنيون، نوازشريف صبح اٿيو ته سندس طبيعت ۾ بهتري هئي. هُن چيو ته نوازشريف جي ذاتي معالج ڊاڪٽر عدنان سان هر شئي کي شيئر ڪيو ويندو آهي، ڊاڪٽر طاهر شمسي سان ڳالهه ٿي آهي، اسان جي ڀرپور ڪوشش آهي ته نوازشريف کي سڀئي سهولتون ملن. صحت واري صوبائي وزير چيو ته نوازشريف کي دل ۽ بلڊپريشر جي بيمار به آهي، دُعا آهي ته الله تعاليٰ نوازشريف کي صحت ۽ حياتي ڏي، مان پاڻ وڃي نوازشريف کان پُڇي آئي آهيان ه. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته وزيراعظم انساني همدردي جي بنياد تي مريم نواز کي والد جي نگراني جي اجازت ڏني، اسان چاهيون ٿا مريم بي بي پنهنجي پيءُ جو خيال رکي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ريلوي شهرين لاءِ محفوظ سفر يقيني بڻائيندو: شيخ رشيد

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم هدايت ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے