اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت ڊيجيٽل ادائيگين ۽ رقم جي ڊيجيٽل منتقلي جي حوصلا افزائي ڪري رهي آهي، ڊيجيٽائيزيشن ٽرانسفارميشن پلان تي موثر ۽ جامع عملدرآمد جي لاءِ صوبائي حڪومتن سان بامعنيٰ مشاورت ڪئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ ڪيش ليس ۽ ڊيجيٽل اڪانومي جي حوالي سان قدمن تي هفتيوار جائزه اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه، ناڻي ۽ ريلوي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، چئني صوبن، گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير جي چيف سيڪريٽريز، اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري جي چيف ڪمشنر ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم اجلاس ۾ ڳالهائيندي چيو ته معيشت جي ڊيجيٽائيزيشن سان شفافيت کي هٿي ملندي، وفاقي حڪومت جي ڊيجيٽائيزيشن ٽرانسفارميشن پلان جو بنيادي مقصد عوام کي بنا اضافي خرچن جي سهولت پهچائڻ آهي، حڪومت پاليسي قدمن سان ڊيجيٽل ادائيگين ۽ رقم جي ڊيجيٽل منتقلي جي حوصلا افزائي ڪري رهي آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته وفاقي حڪومت ڊيجيٽائيزيشن ٽرانسفارميشن پلان تي موثر ۽ جامع عملدرآمد جي لاءِ صوبائي حڪومتن سان بامعنيٰ مشاورت ڪري، معيشت جي ڊيجيٽائيزيشن ۽ ڪيش ليس اڪانومي جي حوالي سان سموريون صوبائي حڪومتون، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جون حڪومتون وفاقي حڪومت سان ڀرپور تعاون. هن صوبائي حڪومت ۽ صوبائي ادارن جي تعاون سان وفاقي حڪومت جي ڊيجيٽائيزيشن ٽرانسفارميشن پلان کي وڌيڪ سگهارو بڻائڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن هدف مقرر وقت ۾ حاصل ڪري سگهجن. وزيراعظم سمورين ڌرين سان بامعنيٰ مشاورت کي ان پلان جو مستقل حصو بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. اجلاس ۾ معيشت جي ڊيجيٽائيزيشن جي حوالي سان اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني وئي جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته نيشنل ڊيجيٽل ڪميشن ۽ پاڪستان ڊيجيٽل اٿارٽي قائم ڪئي وئي آهي ۽ ان حوالي سان ضروري رولز ٺاهيا ويا آهن، پاڪستان ڊيجيٽل اٿارٽي جي چيئرپرسن ۽ ميمبرن جي مقرري جو عمل آخري مرحلن ۾ آهي ۽ مرچنٽ آن بورڊنگ فريم ورڪ 25 جولاءِ 2025ع تي جاري ڪيو ويو آهي.
