بريڪنگ نيوز

ڊاڪٽر عافيه صديقي بابت اسحاق ڊار جي بيان کي حقيقتن کان هٽي ڪري پيش ڪيو ويو: عطاءُ الله تارڙ

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته ڊاڪٽر عافيه صديقي بابت نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جي بيان کي حقيقتن کان هٽي ڪري پيش ڪيو ويو، ڊاڪٽر عافيه صديقي جي معاملي ۾ حڪومت سفارتي ۽ قانوني مدد فراهم ڪري رهي آهي، ان معاملي تي اڳڀرائي جي لاءِ قانون واري وفاقي وزير جي سربراهي ۾ ڪميٽي پڻ ٺاهي وئي آهي، اسحاق ڊار شگر ايڊوائيزري بورڊ جو ميمبر نه آهي، ان بابت خبر صحيح نه آهي، ڪرپٽو ڪرنسي جي ريگيوليشن جي حوالي سان نظام جوڙيو ويو آهي، ڪرپٽو ڪرنسي بابت مفتاح اسماعيل جو بيانيو زميني حقيقتن جي ابتڙ آهي. صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جي حوالي سان غلط خبر ڏني وئي ته هو شگر ايڊوائيزري بورڊ جو ميمبر آهي، اهڙي طرح جي خبر ڏيڻ کان اڳ رڪارڊ چيڪ ڪرڻ گهرجي، سينيٽ جي اندر هڪ سوال ڪيو ويو جنهن جو جواب اداري لکت ۾ جمع ڪرايو، جيڪي به معاملا آهن لکت ۾ فلور آف دي هائوس تي موجود آهن. هن چيو ته شگر ايڊوائيزري بورڊ جي جوڙجڪ کي پڙهڻ گهرجي ها. هن چيو ته  ڪرپٽو ڪرنسي جي ريگيوليشن جي حوالي سان نظام جوڙيو ويو آهي، ڪرپٽو ڪائونسل ٺاهي وئي، قانون ٺاهيا ويا. ڪرپٽو جي پاڪستان جي اندر گروٿ آهي، ماضي ۾ اسان ڏٺو آهي ته اسان جي دشمن ڪرپٽو بابت قدمن تي سوال اٿاريا، مفتاح اسماعيل جو به اهو ئي بيانيو آهي جيڪو ڀارت جو ڪرپٽو بابت آهي. وفاقي وزير چيو ته ڪرپٽو هڪ ريگيوليٽيڊ انڊسٽري آهي، ان جا باقاعده قانون ٺاهيا ويا آهن، هڪ وڌندڙ شعبو آهي، ان بابت بنا تحقيق جي ڳالهه ڪرڻ، ڪنهن تي بنا جواز الزام هڻڻ دشمن جي ايجنڊا آهي، پاڪستان جي نه آهي. هن چيو ته پاڪستان جي معيشت ترقي ڪري رهي آهي جيڪا شايد انهن کان هضم نه پئي ٿئي. هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته ڊاڪٽر عافيه صديقي بابت نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي بيان کي حقيقتن کان هٽي ڪري پيش ڪيو ويو، ڊاڪٽر عافيه صديقي جي آزادي جي لاءِ پاڪستان سفارتي ۽ قانوني مدد فراهم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ڊاڪٽر فوزيه صديقي جي وزيراعظم سان ملاقات ٿي، ان معاملي تي اڳڀرائي جي لاءِ قانوني ڪميٽي پڻ ٺاهي وئي آهي، قانون وارو وفاقي وزير ان ڪميٽي جو سربراهه آهي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته ڊاڪٽر عافيه صديقي جي آزادي جي لاءِ جيتريون ڪوششون هن دور ۾ ڪيون پيون وڃن شايد ئي ڪڏهن ڪنهن دور ۾ ٿيون هجن، اسحاق ڊار به وضاحت ڪري ڇڏي آهي، ان جي بيان کي حقيقتن کان هٽي ڪري پيش ڪيو ويو آهي، اها مخالفن جي سازش آهي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

رائيٽ بئنڪ تي بندن ۾ 5 کان 6 هنڌن تي بريچ جو خدشو، ڪجهه بند ليڪ ٿي سگهن ٿا: وڏو وزير

ڪراچي: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پنجاب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے