بريڪنگ نيوز

ملڪ ۾ برساتن سبب وڌيڪ 8 ڄڻا فوت، ٻوڏ ۽ مٽيءَ جون ڇپون ڪرڻ جو خطرو

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ)نيشنل ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ 28 کان 31 جولاءِ تائين امڪاني برساتن کي نظر ۾ رکندي ٻوڏ ۽ مٽيءَ جون ڇپون ڪرڻ جو الرٽ جاري ڪيو آهي. اين ڊي ايم اي جي ترجمان مطابق گلگت بلتستان جي علائقن گلگت، اسڪردو، هنزه ۽ شغر ۾ سخت برساتن جو امڪان آهي، جڏهن ته آزاد ڪشمير جي مظفر آباد، نيلم وادي ۽ باغ ۾ به برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. انهن برساتن سبب ندين جي نالن ۾ چاڙهه ۽ شهري علائقن ۾ ٻوڏ جي صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي. چترال وادي، بوني ۽ ريشن ۾ برساتن ۽ گليشيئرز  جي ڳرڻ  سبب چترال درياهه  جي وهڪري ۾ اضافي جو خدشو آهي. جابلو علائقن ۾ مٽيءَ جون ڇپون ڪرڻ جو به امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. اين ڊي ايم اي سمورن لاڳاپيل ادارن کي هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳواٽ قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي ۽ ادارن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي اهلڪار، مشينري ۽ ريسڪيو ٽيمون تيار رکن. مقامي انتظاميه ۽ پي ڊي ايم ايز کي به وقت سر قدمن جي هدايت جاري ڪئي وئي آهي. ٻئي پاسي عوام کي اپيل ڪئي وئي آهي، ته هو موسم جي تازي صورتحال، امڪاني خطرن ۽ احتياطي تدبيرن لاءِ اين ڊي ايم اي ڊزاسٽر الرٽ ايپ کان رهنمائي حاصل ڪن. تازو سانوڻي جي برسات سبب گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 8 ڄڻا فوت ٿي ويا جنهن کان پوءِ هنيئر تائين فوتين جو انگ 279 ٿي ويو آهي. نيشنل ڊيزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي(اين ڊي ايم اي) موجب ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن ۾ برساتن سبب 8 ڄڻا فوت، 21 زخمي ٿيا، پنجاب ۾ 6، خيبرپختونخواهه ۽ گلگت بلتستان ۾ هڪ هڪ شهري فوت ٿي ويو. اين ڊي ايم اي موجب برساتن سبب زخمي ٿيل 21 ڄڻن جو تعلق پنجاب سان آهي. اين ڊي ايم اي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته برسات سبب هينئر تائين فوت ٿي ويلن جو انگ 279 ٿي ويو جڏهن ته 676 زخمي به ٿيا آهن. اين ڊي ايم اي موجب پنجاب ۾ برسات سبب 151 ڄڻا فوت، 536 زخمي ٿيا، خيبرپختونخواهه ۾ برساتن سبب 64 ڄڻا فوت، 80 زخمي، سنڌ ۾ 25 ڄڻا فوت، 40 زخمي، بلوچستان ۾ برسات سبب 20 ڄڻا فوت ۽ 4 زخمي ٿي پيا. انهي کان علاوه گلگت بلتستان  ۾ برساتن سبب 9 ڄڻا فوت ۽ 4 زخمي، آزاد ڪشمير ۾ 2 ڄڻا فوت، 10 زخمي ٿيا جڏهن ته اسلام آباد ۾ 8 ڄڻا فوت، 3 زخمي ٿيا. اين ڊي ايم اي موجب 24 ڪلاڪن ۾ برساتن سبب 362 گهرن کي نقصان پهتو ۽ 7 چوپايو مال مري ويو. برساتن سبب هينئر تائين گڏيل طور تي 1553 گهرن کي پڻ نقصان پهتو آهي جڏهن ته 374 چوپايو مال به مري ويو آهي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

رائيٽ بئنڪ تي بندن ۾ 5 کان 6 هنڌن تي بريچ جو خدشو، ڪجهه بند ليڪ ٿي سگهن ٿا: وڏو وزير

ڪراچي: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پنجاب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے