ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڪراچي پريس ڪلب ۾ وفاقي وزير احسن اقبال جي ميڊيا سان ڳالھ ٻولهه ڪندي چيو ته مارشل لاء ئ جمهوريت تي ڏکئي وقت ڪراچي پريس ڪلب جمهوريت سان نڀايو آهي حڪومت هن سال فيصلو ڪيو آهي ته يوم آزادي ڏهاڙو ۽ معرقه حق گڏ ملهائيندا سين قوم ﷲ جو شڪر ادا ڪندي، دنيا ۾ پاڪستان جو اميج ۽ وقار بلندي جي سطح تائين پهتو آهي ڀارت کي جنون ۽ غرور هو اهو غرور چور چور ٿي ويو آهي اسانجو هر سپاهي هر فرد هن ملڪ جي پرچم ئ سالميت جي محافظ طور ڪردار ادا ڪري رهيو آهي هي يوم آزادي اسانجي لاءِ خصوصي يوم آزادي هوند پاڪستان کي معاشي ڪاميابي ڏانهن وٺي وينداسين جيئن بنيان مرسوس ڪامياب ٿيو ائين ئي پاڪستان کي معاشي طور ڪامياب ڪبو حڪومت 31 ڊسمبر 2024 تي اڙان پاڪستان جو وجود وڌو جيڪو ملڪ کي معاشي طور ڪامياب ڪندو پاڪستان جي معيشت لاءِ آئي ايم ايف سان پروگرام طعي ڪيو آهي، ڪو به ملڪ نه چاهيندو آهي ته آئي ايم ايف ڏانهن وڃي گذريل سال کان ملڪ مسلسل بهتري ڏانهن وڃي پيو، بين القوامي ادارا به ان کي تسليم ڪن پيا گذريل 40/50 سالن ۾ اهڙي مثال نه ملندي جتي 24 سيڪڙو کان مهانگائي 4 سيڪڙو تائين پهتي هجي اسانجي اسٽاڪ ايڪسچينج به بهتر ٿي آهي، هاڻي اسانجي ذميواري آهي معاشي صورتحال کي ائين اڳتي وڌائيندا رهيون هي جيڪا معاشي ڪاميابي جي اڏام آهي ان کي جاري رکيو ويندو معرقه حق به ثابت ڪيو ته پاڪستان دفاعي طور به اسان مظبوط ٿيا آهيون ڀارت هن خطي جو پاڻ کي ٿاڻيدار سمجهندو هو هاڻي اڏام پاڪستاني سفارتڪاري جي به ٿي رهي آهي پي ٽي آئي جي حڪومت ۾ دوست ملڪ پاڪستان کي ڇڏي ويا هئا شهباز شريف جي اڳواڻي ۾ هاڻي سفارتي تعلق نه بهتر ٿي ويا آهن
