بريڪنگ نيوز

آزادي ڏينهن جي تقريبن کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن: سنڌ حڪومت

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ آزادي ڏينهن ۽ "معرڪہءِ حق” جي عنوان سان لاڳاپيل پروگرامن بابت هڪ اهم اجلاس وزيراعليٰ هائوس ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ مختلف بينڪن جي صدرن، سي اي اوز، ممتاز صنعتڪارن ۽ ڪاروباري برادري جي نمائندن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ، بلدياتي وزير سعيد غني، صنعت وزير ڄام اڪرام ڌاريجو، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، وڏي وزير جو سيڪريٽري رحيم شيخ، ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ شامل هئا۔ وڏي وزير چيو ته هن سال آزادي ڏينهن "معرڪءِ حق” جي عنوان سان ڌام ڌوم سان ملهايو ويندو. هن ملڪ جي سمورن بينڪرن ۽ ناليوارن صنعتڪارن کان اپيل ڪئي ته هو آزادي ڏينهن جي تقريبن کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن. وڏي وزير موجب سرڪاري، نيم سرڪاري ۽ نجي عمارتن کي رنگين بتيون لڳائي سجايو ويندو. هن موقعي تي ريليون، پريڊ، راندين جا مقابلا، تعليمي ادارن ۾ تقريبون، ٽاڪ شو ۽ شاپنگ مالز ۾ پڻ پروگرام منعقد ٿيندا. آزادي ڏينهن جي تقريبن جو تجويز ڪيل شيڊول هيٺين ريت آهي: 13 آگسٽ تي نيشنل اسٽيڊيم تي عوامي ڪنسرٽ ۽ آتشبازي، سمنڊ ڪناري (سي ويو) ۽ شارع فيصل تي ثقافتي ريليون ۽  راندين واري کاتي جي اھتمام ھيٺ گلستانِ جوهر ۾ "ڪئپٽن سيلر شهيد اسپورٽس گالا” منعقد ٿيندو. ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن جي ميزباني هيٺ جهانگير ڪوٺاري تي ڪنسرٽ ۽ آتشبازي ٿيندي  جنھن جي تاريخ جو اعلان بعد ۾ ٿيندو. 10 آگسٽ تي نشان پاڪستان ۽ دو درياءَ وٽ ميراٿن ريس ۽ سي ويو تي گڏھ گاڏي ريس – ٻنهي جي ميزباني راندين وارو کاتو ڪندو. 9 آگسٽ تي ماھيگيري کاتي پاران بندرگاهه ۽ ڪياماڙي تي ٻيڙين جي ريس ٿيندي. 13 آگسٽ تي ثقافت کاتي پاران شهر کان چوڪنڊي قبرستان تائين عورتن جي بائيڪ ريلي منعقد ٿيندي. 3 آگسٽ تي راندين واري کاتي پاران  فيئر ويو هال کان مزارِ قائد تائين سائيڪل ريس منعقد ٿيندي. 8 آگسٽ تي حيدرآباد ڪلب ۾ موسيقي ۽ ثقافتي شو ۽  ساڳي ڏينهن سکر ميونسپل اسٽيڊيم تي به ثقافتي پروگرام ٿيندا. ٻئي پروگرام ثقافت کاتي جي اهتمام هيٺ ٿيندا. بينڪرن ۽ صنعتڪارن جي وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي سان ملاقات ٿيندي جنهن جي اڳواڻي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ڪندو. ان اجلاس ۾ آزادي واري ڏهاڙي جي پروگرامن کي آخري شڪل ڏني ويندي. بينڪرن ۽ صنعتڪارن وڏي وزير مراد علي شاهه کي آزادي ڏينهن جي تقريبن لاءِ مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

عوام احتجاج جي ڪال رد ڪري ڇڏي، بي مقصد احتجاج جي ڪالن جو اهو ئي نتيجو نڪري ٿو: عطاءُ الله تارڙ

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے