بريڪنگ نيوز

سپريم ڪورٽ: عمران خان جي ضمانت جون 8 اپيلون سڀاڻي ٻڌڻي لاءِ مقرر

اسلام آباد: (مانيٽرنگ ڊيسڪ)  سپريم ڪورٽ ۾ تحريڪ انصاف جي باني عمران خان جي ضمانت کان پوءِ گرفتاري جون 8 اپيلون ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ٿي ويون، چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ سڀاڻي ساڍي 9 وڳي ٻڌڻي ڪندي. رپورٽ موجب سپريم ڪورٽ عمران خان جي ضباعت بعد گرفتاري جون 9 اپيلون سڀاڻي ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيون آهن. چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ سڀاڻي ساڍي 9 وڳي ٻڌڻي ڪندو. جسٽس محمد شفيع صديقي به بينچ ۾ شامل آهي. عمران خان ايڊووڪيٽ سلمان صفدر جي ذريعي 9 مئي جي ڪيسز ۾ ضمانت جي لاءِ  اپيلون داخل ڪيون هيون، لاهور هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ باني جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي هئي. ياد رهي ته 9 مئي 2023 تي القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ عمران خان جي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي احاطي مان گرفتاري کان پوءِ پي ٽي آءِ طرفان ملڪ گير احتجاج ڪيو ويو هو. انهي دوران لاهور جي علائقي ماڊل ٽائون ۾ 9 مئي تي مسلم ليگ(ن) جي آفيس کي ساڙڻ کان علاوه فوجي، سول ۽ نجي ٺڪاڻن کي باهيون ڏنيون ويون، سرڪاري ۽ نجي ملڪيتن کي به نقصان پهچايو ويو جڏهن ته انهي دوران گهٽ ۾ گهٽ 8 ڄڻا فوت ۽ 290 زخمي ٿي پيا هئا. انهي کان پوءِ سموري ملڪ ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان جهيڙي، ڀڃ ڊاهه ۽ باهين ۾ ملوث 1900 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو هو جڏهن ته عمران خان ۽ ان جي پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي خلاف ڪيس به داخل ڪيا ويا هئا.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

عوام احتجاج جي ڪال رد ڪري ڇڏي، بي مقصد احتجاج جي ڪالن جو اهو ئي نتيجو نڪري ٿو: عطاءُ الله تارڙ

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے