فلوريڊا (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سلمان علي آغا ويسٽ انڊيز کي ٽي ٽوئنٽي ۾ سخت حريف قرار ڏئي ڇڏيو. هڪ بيان ۾ سلمان علي آغا جو چوڻ هو ته ويسٽ انڊيز خلاف سيريز آسان ناهي، ڪاميابي لاءِ هر شعبي ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکارڻي پوندي. سندس چوڻ هو ته بهترين حڪمت عملي سان ميدان ۾ لهنداسين ۽ هڙئي ميچون کٽڻ پوري ڪوشش ڪنداسين. سلمان علي آغا چيو ته آمريڪا ۾ موسم گرم آهي، دِل سان ٽريننگ ڪئي ۽ پاور هٽنگ خاص ڌيان ڏنو ويو آهي. هن چيو ته ايشيا ڪپ ۽ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کي نظر ۾ رکندي ويسٽ انڊيز خلاف سيريز اهم آهي، جڏهن ته ٽي ٽوئنٽي ۾ ميزبان ٽيم جي بيٽنگ ڏاڍي جارحاڻي آهي، پر اسان به تياري سان آيا آهيون. سلمان علي جو چوڻ هو ته شاهين شاهه آفريدي، حارث رئوف ۽ حسن علي جي واپسي سٺو سنئوڻ آهي، اهڙي طرح سينيئرن ۽ جونيئرن جو سٺو ڪامبينيشن جوڙي ويو آهي. واضح رهي ته پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز جي وچ ۾ ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي پهرين ميچ خميس ڏينهن کيڏي ويندي، جيڪا پاڪستاني وقت موجب صبح 5 وڳي شروع ٿيندي.
