ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته وفاقي سرڪار ڪي فور رٿا لاءِ تمام گهٽ رقم رکي آهي، حب مان پاڻي جي فراهمي لاءِ نئين ڪئنال جو 14 آگسٽ تي افتتاح ڪيو ويندو، ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال ماضي کان بهتر آهي، پاڪ فوج ڀارت کي شڪست ڏئي پاڪستان جو ڪنڌ فخر سان بلند ڪري ڇڏيو آهي، ڀارت جيڪڏهن ٻيهر اڳرائي ڪئي ته منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو. ڪراچيءَ جي ايڪسپو سينٽر ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه ربن ڪاٽي مائي ڪراچي نمائش جو افتتاح ڪري ڇڏيو. افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي مراد علي شاهه چيو ته حق جي جنگ کي نظر ۾ رکندي هن سال جشن آزادي جو ڏهاڙو ڀرپور نموني ملهايو ويندو، مائي ڪراچي نمائش اهم قدم آهي. هن چيو ته 1947ع ۾ قائد اعظم محمد علي جناح پرامن جدوجهد ذريعي ملڪ حاصل ڪيو. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته 1971ع ۾ ملڪ ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڏکي وقت ۾ پاڪستان کي سنڀاليو. مراد علي شاهه چيو ته پرامن جدوجهد ڪري ملڪ حاصل ڪيو ويو آهي، پاڪ فوج ڀارتي اڳرائي جو ڀرپور طريقي سان مقابلو ڪيو، ڀارت پنهنجي شڪست کي سالن تائين ياد رکندو. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته پاڪ فوج ڀارت کي شڪست ڏئي قوم جو ڪنڌ فخر سان بلند ڪيو، پاڪستان، ڀارت کي اهڙي شڪست ڏني آهي جيڪا هو ڪڏهن وساري نه سگهندو. مراد علي شاهه چيو ته ماضي ۾ بدقسمتي سان ڪراچي دهشتگردي جو مرڪز هو، شهر مان دهشتگردي جي خاتمي جي ڪوشش ڪئي، ڪراچي ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ قدم کنيا ويا. هن چيو ته ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال ماضي کان بهتر آهي، وفاقي سرڪار ڪي فور رٿا لاءِ تمام گهٽ رقم رکي آهي، حب مان پاڻي جي فراهمي لاءِ نئين ڪئنال جو 14 آگسٽ تي افتتاح ڪيو ويندو.
