راولپنڊي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته ڀارت پاڪستان ۾ دهشتگرد ڪارروائين جي نه رڳو حمايت ڪري رهيو آهي پر مالي مدد به فراهم ڪري رهيو آهي، جڏهن ته ڀارت دهشتگردي کي رياستي پاليسي طور پاڪستان خلاف استعمال ڪري رهيو آهي.پرڏيهي ميڊيا کي ڏنل انٽرويوءَ ۾ ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته ڀارت جا ناپاڪ ارادا پاڪستان جي سلامتي خاص طور تي بلوچستان کي غير مستحڪم ڪرڻ لاءِ منظم سازش آهي.هن چيو ته ڀارتي سياسي قيادت ڪيترن ئي موقعن تي پاڪستان ۾ دهشتگردي جي پٺڀرائيءَ جو اعتراف ڪري چڪي آهي، جڏهن ته آمريڪا ۽ ڪئناڊا سميت ڪيترائي ملڪ به ڀارتي رياستي دهشتگردي جو اعتراف ڪري چڪا آهن. ڀارت جي سرپرستي هيٺ ٿيندڙ دهشتگردي جي نيٽ ورڪ جو ماسٽر مائينڊ اجيت دوول آهي.ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته پاڪستان هڪ ذميوار ۽ ڊڪلئيرڊ ائٽمي طاقت آهي، جنهن جي جوهري صلاحيت مڪمل طور تي محفوظ ۽ ناقابل شڪست آهي.هن چيو ته پاڪستان جو ائٽمي پروگرام مڪمل طور محفوظ آهي ۽ ڪو به ملڪ پاڪستان جي ائٽمي پروگرام کي نقصان پهچائڻ جي جرئت نٿو ڪري سگهي، هي پاڪستان جي دفاعي صلاحيتن ۽ علائقائي توازن تي اعتماد جي عڪاسي ڪري ٿو.ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته پاڪستان اسلامي رياست خلاف ڪنهن به جارحيت کي علائقائي استحڪام لاءِ خطرو سمجهي ٿو، اسلام ۾ جهاد يا جنگ جو اختيار صرف رياست وٽ آهي، ڪنهن به فرد، تنظيم يا گروهه کي اهو اختيار نه آهي.هن چيو ته فتنه الخوارج جو اسلام انسانيت، پاڪستان يا پاڪستاني روايتن سان ڪو تعلق ناهي، پاڪستاني فوج ۽ ميڊيا ۾ ”خوارج“ جي اصطلاح وڏي پيماني تي استعمال ٿي رهي آهي، جڏهن ته ” فتنه الهندوستان “ واري اصطلاح انهن دهشتگردن لاءِ استعمال ڪئي وڃي ٿي جيڪي ڀارتي حمايت سان خاص طور تي بلوچستان ۾ ملڪ کي غير مستحڪم ڪرڻ جي ڪوشش ۾ سرگرم آهن.ان موقعي تي ڊي جي آءِ ايس پي آرم هڪ ڀيرو ٻيهر ايران لاءِ پاڪستان جي سياسي ۽ سفارتي حمايت جو به عزم ورجايو.
