بريڪنگ نيوز

سنڌ جي سامونڊي ماھيگرن جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا، محمد علي ملڪاڻي

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ)صوبائي وزير لائيو اسٽاڪ اينڊ فشريز سنڌ، محمد علي ملڪاڻي چيو آهي ته سنڌ جي سامونڊي علائقن جي ماھيگرن جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا ۽ کين اهي سڀ سهولتون ڏنيون وينديون جن سان هو باآساني شڪار ڪري پنهنجو گذر سفر ڪري سگهن. اها ڳالهه هن اڱاري ڏينهن پنهنجي آفيس ۾ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي، جنهن ۾ سنڌ جي ماھيگرن جي مسئلن تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس کي خطاب ڪندي صوبائي وزير چيو ته ماھيگرن ۽ ماھيگر ٻيڙين جي رجسٽريشن فشريز کاتي هيٺ لازمي آهي ته جيئن غير مجاز ماڻهن کي ماھيگيري کان روڪي سگهجي. هن واضع ڪيو ته هاڻي رڳو اهي ماڻهو سمنڊ ۾ وڃي سگهندا جن جي بائيوميٽرڪ تصديق مڪمل هوندي ۽ جن وٽ ڪمپيوٽرائيزڊ سڃاڻپ ڪارڊ يا اسمارٽ ڪارڊ هوندو. هن وڌيڪ چيو ته ماھيگرن کي اهڙي نظام سان ڳنڍيو ويندو جنهن وسيلي هو ڀارت جي سرحدي حد پار نه ڪن ۽ بلوچستان جي صوبائي حدن ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ به کين بروقت آگاهي ڏني ويندي. وزير کي ٻڌايو ويو ته غير قانوني مڇي مارڻ جي ڪري سنڌ جي سامونڊي حدن ۾ مڇي جا ذخيرا تيزيءَ سان ختم ٿي رهيا آهن. محمد علي ملڪاڻي چيو ته جيڪا ٻيڙي به سمنڊ ۾ ويندي اها فشريز کاتي وٽ رجسٽرڊ هجڻ لازمي آهي. ان قدم جو مقصد غير قانوني ماھيگيري کي روڪڻ، وسيلن جي حفاظت ڪرڻ ۽ اصل ماھيگرن جي حقن کي يقيني بڻائڻ آهي. صوبائي وزير آفيسرن کي هدايت ڪئي ته صرف سڃاڻپ ڪارڊ رکندڙ ماھيگرن کي ئي رجسٽر ڪيو وڃي. هن چيو ته سيڪيورٽي جا اهم مسئلا، جيڪي ڪور ڪمانڊر اجلاس ۾ سامهون آيا هئا، انهن جو فوري حل ضروري آهي. وڌيڪ چيو ته جيٽيون رجسٽر ڪرائيندڙ مالڪن کي پابند ڪيو وڃي ته هو پنهنجي علائقي ۾ سڀ بنيادي سهولتون فراهم ڪن. وزير اجلاس کي ٻڌايو ته فشريز کاتي جي سهڪار سان ماھيگر ٻيڙين تي جديد وي ايم ايس (Vessel Monitoring System) لڳائڻ جو عمل جاري آهي ۽ ان ۾ تيزي سان اڳڀرائي ٿي رهي آهي. هن نظام وسيلي سمنڊ ۾ ويندڙ ٻيڙين جي مؤثر نگراني ٿي سگهندي ۽ ڪنهن به غير قانوني يا غير رجسٽرڊ سرگرمي کي فوري طور روڪي سگهجي ويندو. ان کان علاوه، صوبائي وزير وڌيڪ واضع ڪيو ته فشريز کاتو سخت عملدرآمد ڪندو، غير رجسٽرڊ ٻيڙين ۽ بغير سڃاڻپ ڪارڊ وارن ماڻهن کي سمنڊ ۾ وڃڻ جي هرگز اجازت نه ڏني ويندي، جڏهن ته خلاف ورزي ڪندڙن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. هن لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته رجسٽريشن، وي ايم ايس جي تنصيب ۽ عملدرآمد جي عمل کي وڌيڪ شفاف ۽ مؤثر بڻايو وڃي ته جيئن ماھيگر برادري کي سهولت ملي ۽ سامونڊي وسيلن کي مستقبل لاءِ محفوظ بڻائي سگهجي. صوبائي وزير چيو ته گذريل 15 سالن کان سنڌ حڪومت ۾ نيون ڀرتيون نه ٿيڻ سبب عملي جي سخت کوٽ آهي، جڏهن ته ملازمن جي رٽائرمينٽ ۽ فوتگين جي ڪري مسئلا وڌيڪ وڌي ويا آهن. هن زور ڏنو ته اهڙو نظام مضبوط ڪيو وڃي جنهن وسيلي ماھيگرن کي سمنڊ ۾ قدرتي آفتن، خاص طور طوفانن بابت بروقت اطلاع ملي سگهي ته جيئن جاني نقصان کان بچي سگهجي. اجلاس ۾ سيڪريٽري لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز ڊاڪٽر ڪاظم جتوئي، پاڪستان ميري ٽائيم سيڪيورٽي ايجنسي جا ڪيپٽن عبدالله، پاڪستان رينجرز جا ڪرنل غلام اڪبر، ڪسٽمز جا اسسٽنٽ ڪليڪٽر ياسر كبير، ڊي جي ايم ايف ڊي ڊاڪٽر منصور وساڻ، ڊي جي ميرين فشريز سراج احمد سولنگي، ايم ڊي ڪراچي فشريز هاربر زاهد کيمٽيو ۽ ڊائريڪٽر ميرين عاصم ڪريم شرڪت ڪئي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

افغانستان ۾ طالبان جي اچڻ بعد بلوچستان ۽ ڪي پي ۾ دهشتگردي وڌي وئي آهي: بلاول

ڪراچي: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته افغانستان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے