بريڪنگ نيوز

وزيراعظم شهباز شريف سميت 8 مسلمان اڳواڻن جي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات

واشنگٽن: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) واشنگٽن ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ميزباني ۾ هڪ اهم ملاقات ٿي، جنهن ۾ وزيراعظم پاڪستان شهباز شريف کان علاوه ترڪيه، قطر، سعودي عرب، انڊونيشيا، مصر ۽ متحده عرب امارات جا سربراهه شريڪ ٿيا.انهي اعليٰ سطحي اجلاس ۾ غزه ۾ جاري جنگ کان پوءِ امن، گورننس ۽ سيڪيورٽي جي صورتحال تي غور ڪيو ويو. اجلاس کان اڳ وزيراعظم قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني، اردن جي فرمانروا  شاهه عبدالله دوئم ۽ انڊونيشيا جي صدر پرابوو سوبيانتو سان ملاقات به ڪئي جنهن ۾ عالمي اڳواڻن جي وچ ۾ گرمجوشي سان هٿ ملائڻ، غير رسمي ۽ بي تڪلفانه ڳالهيون ۽ خيالن جي ڏي وٺ ٿي.آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاڪستان سميت اٺ اسلامي ۽ عرب ملڪن جي اڳواڻن سان گڏ غير رسمي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، انهي اهم ملاقات ۾ پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف ۽ نائب وزيراعظم، پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار به شريڪ هو.صدر ٽرمپ ۽ مسلمان اڳواڻن جي وچ ۾ اها غير رسمي ڳالهه ٻولهه خطي ۾ امن، تعاون ۽ عالمي مسئلن تي  خيالن جي ڏي وٺ لاءِ ٿي. انهي موقعي تي مختلف علاقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽  گڏيل تعاون کي وڌائڻ تي زور ڏنو ويو.آمريڪي ميڊيا جي رپورٽن موجب صدر ٽرمپ عرب ۽ مسلمان ملڪن تي زور ڏنو آهي ته اهو غزه ۾ امن جي قيام لاءِ عملي ڪردار ادا ڪري. انهي حوالي سان آمريڪا چاهي ٿو ته مسلمان ملڪ نه صرف غزه ۾ پنهنجي فوج مقرر ڪن ته جيئن اسرائيلي انخلا مملڪن ٿئي پر خطي جي نئين سري سان تعمير ۽ اقتدا رجي منتقلي جي عمل ۾ مالي مدد به ڪئي وڃي.آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ انهي ملاقات کان اڳ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندي واضح ڪيو ته فلسطيني رياست کي مڃڻ  اصل ۾ حماس جي ظلمن کي انعام ڏيڻ جي برابر هوندو. هن چيو ته ڪجهه ملڪ فلسطيني رياست کي مڃڻ طرف وڌي رهيا آهن پر اهو عمل امن جي لاءِ نقصان ڏيندڙ ثابت ٿي سگهي ٿو.  هن چيو ته آمريڪا غزه ۾ فوري جنگبندي ۽ يرغمالين جي بازيابي چاهي ٿو، جن مان 38 جا لاش حماس جي قبضي ۾ آهن.صدر ٽرمپ الزام لڳايو ته حماس هلندڙ ڏينهن ۾ هڪ امن معاهدي جي آڇ کي رد ڪيو ۽ جيڪي طاقتون امن جون خواهشمند آهن انهن کي يرغمالين جي آزاد لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪرڻ گهرجن.اجلاس دوران مسلمان ملڪن جي اڳواڻن خطي ۾ امن جي لاءِ  پنهنجو موقف ۽ تجويزون به پيش ڪيون پر في الحال ڪنهن به گڏيل لائحه عمل جو اعلان سامهون نه آيو. ملاقات کان پوءِ اڳواڻ هال مان خاموش سان روانه ٿي ويا پر ڪجهه دير کان پوءِ آمريڪي صدر صحافين سان ڳالهيون ڪندي انهي ملاقات کي انتهائي ڪامياب قرار ڏنو.صدر ٽرمپ چيو ته اها  وڏي ملاقات هئي جنهن ۾ غزه جي معاملي تي اهم اڳڀرائي ٿي، اسرائيل کان علاوه سمورن وڏن اسٽيڪ هولڊرز سان ڳالهيون مثبت رهيون ۽ مون کي اميد آهي ته اسان غزه جي لاءِ ڪجهه پڪا قدم کڻي سگهون ٿا. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ عرب اسلامي سربراهي اجلاس جي اختتام تي وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪئي، آمريڪي صدر ۽ وزيراعظم جي وچ ۾ خوشگوار ماحول ۾ غير رسمي ڳالهيون به ٿيون.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

افغانستان ۾ طالبان جي اچڻ بعد بلوچستان ۽ ڪي پي ۾ دهشتگردي وڌي وئي آهي: بلاول

ڪراچي: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته افغانستان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے