بريڪنگ نيوز

ڪراچي ۾ تعميراتي منصوبن کي سياست جي حوالي ڪيو ويو : ايم ڪيو ايم اڳواڻ

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) متحده قومي موومينٽ(ايم ڪيو ايم) پاڪستان جي اڳواڻ فاروق ستار چيو آهي ته ڪراچي ۾ تعميراتي منصوبن کي سياست جي حوالي ڪيو ويو. جڏهن ته پيپلز پارٽي ۽ ميئر ڪراچي ڪوبه ڪم سڌي طريقي سان ڪري ڇڏين ته هزارين ڊالر انعام رکڻ گهرجي ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فاروق ستار چيو ته گرين لائن جو منصوبو ڪجهه مهينن ۾ مڪمل ٿيڻو هو پر 18 سيپٽمبر تي گرين لائن منصوبي تي ڪم کي روڪيو ويو. هن چيو ته ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب چيو ته اين او سي ناهي ورتي وئي، اين او سي نه به هئي ته ڪم روڪڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي، ميئر ڪراچي پاڻ هڪ به دعويٰ تي پورو ناهي لٿو فاروق ستار چيو ته 2017  ۾ گرين لائن جي اين او سي ورتي وئي هئي انهي ڪم کي زبردستي روڪيو ويو هو ڇو ته انهي جو ڪريڊٽ ايم ڪيو ايم کي ملڻو هو اها ڳالهه ميئر ڪراچي کي هضم نه ٿي. هن چيو ته سنڌ حڪومت ريڊ لائن جي منصوبي ۾ اڃان تائين ڦاٿل آهي. ڪيترا منصوبا آهن جيڪي پيپلز پارٽي مڪمل نه ڪيا، وقت وڃائي ڇڏيو. پيپلز پارٽي کان عوامي منصوبن ۾ رليف جي اميد نه ڪئي وڃي فاروق ستار چيو ته 2008 کان هينئر تائين هي صرف ڪي فور منصوبي لاءِ ويٺل رهيا پر ڪجهه نه ٿي سگهيو پر هاڻ ڪي فور منصوبو مڪمل ٿيڻ وڃي رهيو آهي ۽ اهو صرف ايم ڪيو ايم جي ڪري ٿي رهيو آهي هڪ مسئلو اهو به آهي ته پاڻي ته اچي ويندو پر انهي جي ورهاست جو ڇا ٿيندو ايم ڪيو ايم اڳواڻ چيو ته سياسي اختلافن جو مطلب عوامي مفادن جي ڪمن کي روڪڻ ناهي هوندو، هنن جو نعرو آهي ته نه پاڻ ڪجهه ڪنداسين ۽ نه وري ڪنهن ٻئي کي ڪرڻ ڏينداسين. ڪراچي ۾ تعميراتي منصوبن کي سياست جي حوالي ڪيو ويو آهي

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

افغانستان ۾ طالبان جي اچڻ بعد بلوچستان ۽ ڪي پي ۾ دهشتگردي وڌي وئي آهي: بلاول

ڪراچي: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته افغانستان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے