راولپنڊي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي ضلعي ڊيرا اسماعيل خان ۾ سيڪيورٽي فورسز ڪارروائي ڪري ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم فتنه الخوارج جي 13 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو.آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز 24 سيپٽمبر تي ڊيرا اسماعيل خان جي علائقي درابن ۾ ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪيو، جنهن دوران دهشتگردن جي ٺڪاڻي کي ڪاميابي سان نشانو بڻايو ويو، نتيجي ۾ 13 ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم خارجي مارجي ويا.آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته مارجي ويلن دهشتگردن وٽان هٿيار، گولا ۽ بارود به برآمد ڪيو ويو، اهي ڪيترين ئي تخريبي ڪارروائين ۾ ملوث هئا. وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊيره اسماعيل خان جي علائقي درابن ۾ ڀارتي حمايت يافته فتنه الخوارج جي 13 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪ فوج ۽ سيڪيورٽي فورسز جي پيشيواراڻي مهارت جي ڪري ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت کي پاڙ کان پٽي اڇلائينداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته ڊسمبر 2023ع ۾ درابن ۾ خودڪش حملي جي معصوم شهرين جي جان ۽ مال کي نقصان پهچائيندڙ دهشتگردن کي هن تازي آپريشن ۾ ڪاميابي سان جهنم ڀيڙو ڪيو ويو. هن چيو ته ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ سمورا حڪومتي ادارا مڪمل طور تي متحرڪ آهن.
