بريڪنگ نيوز

سنڌ حڪومت گاڏين جي عمر جي حد مقرر ، هيوي ٽرانسپورٽ لاءِ ٽريڪنگ سسٽم لازمي قرار

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ سرڪار ٽريفڪ قانونن ۽ عوامي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ سنڌ موٽر وھيڪل رولز 1969 ۾ اھم ترميموم ڪري ورتيون آھن ۽ ان سلسلي ۾ ھڪ باضابطا نوٽيفڪيشن بهجاري ڪيو ويو آھي. نئين ترميم  تحت وڏين ڪمرشل گاڏين جي مالڪن کي نين شرطن تي عمل ڪرڻ کي لازمي قرار ڏنو ويو آھي. ترميمن ۾ فٽنيس سرٽيفڪيٽ، گاڏين جي مقرر عمر جي حد ۽ جديد حفاظتي نظام جو لازمي نفاذ شامل آھن. سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ نين ترميمن جي حوالي سان جاري ھڪ بيان ۾ چيو آھي ته ھاڻي سموريون وڏيون ڪمرشل گاڏيون ٽرانسپورٽ کاتي جي قائم ڪيل فٽنيس سينٽرز کان فٽنس سرٽيفڪيٽ حاصل ڪنديون. ڀڃڪڙي جي صورت ۾ گاڏي جي مالڪن تي ڳرا ڏنڊ لاڳو ڪيو وييندا، ڏنڊ جي سموري رقم آن لائن سنڌ سرڪار جي اڪائونٽ ۾ جمع ٿيندي. ھن چيو ته نئين ترميم ۾ گاڏين جي عمر جي حد بهمقرر ڪئي وئي آھي، بين الصوبائي روٽس تي 20 سالن کان وڌيڪ عمر وارين گاڏين کي پرمٽ نھ ڏني ويندي، انٽر سٽي روٽس تي 25 ورھين کان وڌيڪ ھليل گاڏيون ھلائڻ جي اجازت نه ھوندي، شھر اندر ھلندڙ گاڏين جي لاءِ عمر جي حد 35 سال مقرر ڪئي وئي آھي. شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ ھو ته قانون ھڪ سال اندر لاڳو ٿيندو، اُن دوران سمورين گاڏين جي لاءِ روڊ وردي ٽيسٽ لازمي ھوندو، ڀڃڪڙي تي پھرين مرحلي ۾ به معمولي ڏنڊ، ٻئي ڀيري 2 لک رُپيا ۽ ٽئين ڀيري 3 لک رُپين تائين ڏنڊ مڙھيون ويندو. ھن چيو ته حڪومت اھو به لازمي قرار ڏنو آھي ته ھاڻي ڪنھن بهوڏي يا ھلڪي ڪمرشل گاڏي کي بنا ٽريڪنگ ۽ حفاظتي نظام جي ھلڻ جي اجازت نه ھوندي، ھر گاڏي ۾ جي پي ايس ٽريڪنگ ڊوائس، اڳئين ۽ پوئين پاسي ھاءِ ڊيفينيشن ڪيمرا، ڊرائيور مانيٽرنگ ڪيمرا ۽ 380 ڊگري ڪيمرا سسٽم لڳائڻو پوندو. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ موجب، انٽر رن پروٽيڪشن گارڊز به لازمي لڳايا ويندا ته جيئن حادثن دوران ننڍيون گاڏيون ۽ موٽر سائيڪلون گاڏي ھيٺيان اچڻ کان محفوظ رھي سگھن، ھي سمورا پرزا مڪمل طور تي فعال حالت ۾ ھجڻ ضروري آھن ۽ اُنھن جي تصديق کانسواءِ گاڏي رجسٽر نه ٿيندي، نه فٽس سرٽيفڪيٽ جاري ٿيندو ۽ نه ئي پرميٽ يا گاڏي جي مالڪي جي منتقلي ٿي سگھندي. ھن چيو ته جيڪڏھن ڪنھن گاڏي ۾ ھي نظام نھ ھونديو يا ڄاڻي ٻجھي خراب ڪيو ويو ته ڳرو ڏنڊ مڙھيو ويندو، گاڏي کي عارضي طور تي بند ڪيو ويندو  ۽ 14 ڏينھن اندر اصلاح نه ٿيڻ تي رجسٽرشن مسقتل طور تي رد ڪئي ويندي. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ترميمون عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ، حادثن ۾ گھٽتائي ۽ جديد ٽيڪنالوجي ذريعي ٽريفڪ جي نظام کي وڌيڪ بڻائڻ لاءِ ڪيون ويون آھن، ڪراچي سميت سڄي صوبي ۾ ٽريفڪ حادثن جو ھڪ وڏو ڪارڻ پراڻيون ۽ ناقص حالت ۾ ھلندڙ پراڻيون گاڏيون آھن. نئين ترميمن کانپوءِ ڪنھن به وڏي گاڏي کي بنا فٽنس سرٽيفڪيٽ ۽ حفاظتي اوزارن جي روڊن تي اچڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. ھن چيو ته جديد ٽريڪنگ ۽ ڪيمرا سسٽمز لڳائڻ سان نه رڳو ٽريفڪ قانونن تي عمل سڻائو ٿيندو حادثن جا سبب ڄاڻڻ ۽ شفاف جاچ ۾ به مدد ملندي. سندس چوڻ ھو ته سنڌ سرڪار عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ جي لاءِ ھي سخت فيصلا ڪيا آھن ۽ ڪنھن دٻاءُ کانسواءِ اُن تي عمل ڪيو ويندو، ٽريفڪ پوليس، ايڪسائز پوليس ۽  ٽرانسپورٽ اختيارين کي واضح ھدايتون جاري ڪيون ويون آھن ته قانون لاڳو ڪرڻ ۾ ڪنھن ۾ به قسم جي رعايت نه ڏني وڃي. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته جديد نظام لاڳو ٿيڻ سان نه رڳو شھرين کي رليف ملندو پر ٽرانسپورٽ سيڪٽر کي به جديد نظام تي آڻڻ ۾ مدد ملندي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

افغانستان ۾ طالبان جي اچڻ بعد بلوچستان ۽ ڪي پي ۾ دهشتگردي وڌي وئي آهي: بلاول

ڪراچي: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته افغانستان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے