بريڪنگ نيوز

نٿو ٻڌائي سگهان پر امڪان آهي ته پيپلز پارٽي حڪومت ۾ شامل ٿي وڃي: خواجه آصف

اسلام آباد:  (مانيٽرنگ ڊيسڪ) دفاع واري وزير خواجه آصف وفاقي ۽ پنجاب حڪومت ۾ پيپلز پارٽي جي شموليت جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي.خواجه آصف نجي چينل سان ڳالهين ۾ چيو ته هن وقت ڇا ٿي رهيو آهي اهو ته نٿو ٻڌائي سگهان پر امڪان آهي ته پيپلز پارٽي حڪومت ۾ شامل ٿي وڃي.دفاع واري وزير خواجه آصف چيو ته پيپلز پارٽي جي حڪومت ۾ شموليت سٺي ڳالهه هوندي، البته پيپلز پارٽي سان حڪومت جي رابطن جي تفصيل جي مون کي اڃان تائين  خبر نه آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ(ن) قومي ايجنڊا تي گڏجي ڪم ڪري سگهي ٿي.ياد رهي ته انهي کان اڳ سومر تي سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو هو ته في الحال وفاق سان پيپلز پارٽي کي ڪنهن به قسم جي آڇ نه ڪئي وئي آهي اسان اهڙين ڳالهين جي ترديد ڪريون ٿا.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

عوام احتجاج جي ڪال رد ڪري ڇڏي، بي مقصد احتجاج جي ڪالن جو اهو ئي نتيجو نڪري ٿو: عطاءُ الله تارڙ

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے