اسلام آباد: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ جي فيصلي کان پوءِ مخصوص سيٽن جي بحالي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.اليڪشن ڪميشن موجب قومي اسيمبلي ۾ خيبرپختونخواهه جي عورتن جون 5 مخصوص سيٽون بحال ڪري ڇڏيون آهن ۽ قومي اسيمبلي ۾ خيبرپختونخواهه جي مسلم ليگ(ن) ۽ پيپلز پارٽي جون 2-2 جڏهن ته جي يو آءِ کي هڪ سيٽ ملي آهي.اليڪشن ڪميشن موجب قومي اسيمبلي ۾ اقليتن جون 3 سيٽون به بحال ڪيون ويون آهن جنهن مان ئي مسلم ليگ(ن)، پيپلز پارٽي ۽ جي يو آءِ کي هڪ هڪ اقليتي سيٽ ملي آهي. انهي کان علاوه خيبرپختونخواهه اسيمبلي ۾ عورتون جون 21، مخصوص سيٽون بحال ڪيون ويون آهن جنهن ۾ جي يو آءِ کي 6، (ن) ليگ کي 6 ۽ پيپلز پارٽي کي 5 سيٽون مليون آهن جڏهن ته تحريڪ انصاف پارليامينٽرين ۽ اي اين پي کي هڪ به هڪ هڪ مخصوص سيٽ ملي آهي.پنجاب اسيمبلي ۾ عورتون جون 24 مخصوص سيٽون بحال ڪيون ويون آهن جن ۾ 21 سيٽون(ن) ليگ، هڪ پيپلز پارٽي، هڪ استحڪام پاڪستان پارٽي ۽ هڪ مسلم ليگ(ن) کي ملي آهي.اليڪشن ڪميشن موجب پنجاب اسيمبلي ۾ اقليتن جون 3 سيٽون بحال ڪيون ويون آهن جن مان (ن) ليگ کي اقليتون جون 2 ۽ پيپلز پارٽي کي هڪ سيٽ ملي آهي جڏهن ته سنڌ اسيمبلي ۾ عورتن جون 2 مخصوص سيٽون بحال ڪيون ويون آهن جن مان عورتن جي هڪ سيٽ پيپلز پارٽي ۽ هڪ ايم ڪيو ايم کي ملي آهي.اليڪشن ڪميشن جنرل سيٽن تي ڪامياب اميدوارن کي تحريڪ انصاف جو اميدوار قرار ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن واپس وٺي ڇڏيو، اهي اميدوار قومي اسيمبلي، پنجاب اسيمبلي، خيبرپختونخواهه اسيمبلي، سنڌ اسيمبلي مان جنرل سيٽن تي ڪامياب ٿيا هئا.
