بريڪنگ نيوز

معاشي حدف کي حاصل ڪرڻ ۾ ڪابه ڪوتاهي برداشت نه ڪنداسين: وزيراعظم

اسلام آباد: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته معاشي حدف کي حاصل ڪرڻ ۾ ڪابه ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. سمورا سرڪاري ادارا ايف بي آر سان مڪمل تعاون ڪندا. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ فيڊل بورڊ آف روينيو جي ڊيجيٽائزيشن ۽ ٻين اصلاحات جي حوالي سان جائزه اجلاس ٿيو جنهن ۾ وزيراعظم سال 25-2024 ۾ وفاقي ٽيڪس محصولات ۾ اضافي ناڻي واري وزارت ۽ ايف بي  آر جي ڪاوشن جي تعريف ڪئي. وزيراعظم چيو ته نئين مالي سال ۾ محصولات جي وصولي ۽ ٻئي معاشي حدف کي حاصل ڪرڻ به انهي مستعدي جو مظاهرو ڪيو وڃي. انهي ۾ اداره جاتي، سستي کي برداشت نه ڪيو ويندو. سمورا ادارا مڪمل طور تي جانفشائي سان ڪم ڪن. هن چيو ته ايف بي آر جي آفيسرن کي هدايت ڪئي آهي ته محصولات جي وصولي ۽ پنهنجي فرض جي ادائيگي ۾ ايف بي آر عوام سان عزت وتڪريم سان پيش اچي. وزيراعظم شهباز شريف هدايت ڪئي ته ٽريڪ اينڊ ٽريس ڊيجيٽل پروڊڪشن سسٽم شين جي پيداواري ۽ ورهاست جي مرحلن ۾ شامل ڪيو ويندو ته جيئن سموري پيداوار کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻي سگهجي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

نٿو ٻڌائي سگهان پر امڪان آهي ته پيپلز پارٽي حڪومت ۾ شامل ٿي وڃي: خواجه آصف

اسلام آباد:  (مانيٽرنگ ڊيسڪ) دفاع واري وزير خواجه آصف وفاقي ۽ پنجاب حڪومت ۾ پيپلز …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے