باجوڙ (مانيٽرنگ ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي ضلعي باجوڙ ۾ صديق آباد ڦاٽڪ، ميله گرائونڊ جي ڀرسان بم ڌماڪو ٿيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ پوليس اهلڪارن سميت 4 ڄڻا شهيد جڏهن ته 11 زخمي ٿي پيا آهن رپورٽ موجب ڌماڪي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر نائوگني ۽ 2 پوليس اهلڪارن سميت 4 ڄڻا شهيد ٿي ويا. رپورٽ موجب ڌماڪي ۾ 11 ڄڻا زخمي به ٿي پيا آهن جن کي طبي امداد جي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي رپورٽ موجب اطلاع ملڻ تي ريسڪيو 1122 جي ميڊيڪل ٽيمن وقت تي پهچي زخمين کي طبي امداد ڏئي ڊسٽرڪٽ اسپتال خار منتقل ڪيو ويو خيبرپختونخواهه جي اطلاعات بابت صلاحڪار بيرسٽر ڊاڪٽر سيف باجوڙ ڌماڪي جي سخت مذمت ڪئي ۽ چيو ته واقعو انتهائي افسوسناڪ آهي، شهيدن جون قربانيون رائيگان نه وينديون پنهنجي هڪ جاري ڪيل بيان ۾ بيرسٽر ڊاڪٽر سيف چيو ته ملڪ دشمن عناصرن کي پنهنجي ناڪام مقصدن ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين. خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير واقعي جي جاچ لاءِ حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن. وڏي وزير زخمين کي طبي سهولتون ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته ملوث عناصر کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائينداسين. اسسٽنٽ ڪمشنر، تحصيلدار سميت ٻين قيمتي جانين جو نقصان انتهائي افسوسناڪ آهي
