اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته طالبان حڪومت جون واعدي جون ڀڃڪڙيون خطي ۾ عدم استحڪام جو سبب بڻجي رهيون آهن انهي ڪري افغان عبوري حڪومت دوحه معاهدي ۾ ڪيل واعدن جي پاسداري ڪري اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته دهشتگردي عالمي مسئلو آهي، پاڪستان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ ڳرو جاني ۽ مالي نقصان برداشت ڪيو، پاڪستان دهشتگردن جي خلاف ڀرپور ڪارروايون ڪري رهيو آهي هن چيو ته ٻن ڏهاڪن کان هٿياربند فوج دهشتگردي خلاف جنگ ۾ موثر ڪردار ادا ڪيو، ضرب غضب ۽ ردالفساد آپريشن دهشتگردن جي چيلهه ڀڃي ڇڏي، ڊجيٽل پروپيگنڊا موجوده دور جو هڪ پيچيده چيلينج آهي بلاول ڀٽو چيو ته اسان ڪڏهن دهشتگردي کي دعوت ناهي ڏني، پر جڏهن اهي آيا ته اسان جهڪياسين نه پر وڙهياسين، پاڪستان جي ڊڪشنري ۾ سرينڊر ڪرڻ شامل نه آهي، دنيا کان مطالبو آهي ته اهي پاڪستاني پاسپورٽ، قربانين ۽ ارادن جو احترام ڪري هن وڌيڪ چيو ته ڀارت کي گهرجي ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي صلاحيتن مان سکڻ، دهشتگردي جي تدارڪ لاءِ ڀارت سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، اچو ڪشمير، پاڻي ۽ دهشتگردي تي ڳالهيون ڪريو پ پ چيئرمين چيو ته طالبان حڪومت جون واعدي جون ڀڃڪڙيون خطي ۾ عدم استحڪام جو سبب بڻجي رهيون آهن. افغان عبوري حڪومت دوحه معاهدي ۾ ڪيل واعدن جي پاسداري ڪري
