بريڪنگ نيوز

عمران خان ساٿين جي راءِ سان اتفاق ڪري ته ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون : خواجه سعد رفيق

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پ م ل ن جي سينئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير خواجه سعد چيو آهي ته عمران خان سينئر ساٿين جي راءِ سان اتفاق ڪري ته ڳالهيون شروع ٿي سگهن ٿيون هڪ ٻئي کي گهلڻ ۽ تڪليف ڏيڻ ۾ توانائي خرچ ڪرڻ بدران ملڪ کي  ترقي ڏيارڻ جي  طريقن تي ڳالهه ٿيڻ گهرجي هن سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ چيو ته ڪوٽ لک پت جيل ۾ قيد پي ٽي آءِ جي سينئر اڳواڻن جو سياسي جماعتن جي وچ ۾ ڳالهين واري عمل جي حمايت ۾ خط وڏي اهميت رکي ٿو جيڪڏهن پي ٽي آءِ باني پنهنجي سينئر ساٿين جي راءِ سان اتفاق ڪري ته ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون ، محرم کان پوءِ به احتجاجي تحريڪ ڪامياب نٿي ٿي سگهي سخت موسم ، پي ٽي آءِ جو نهايت ڪمزور تنظيمي سرشتو ۽ اندروني گروپنگ ، رياستي ادارن جو هڪ امتحاني احتجاجي تحريڪ جي ناڪامي جا وڏا سبب آهن خواجه سعد رفيق چيو ته حڪومت ۽ اپوزيشن ۾ موجود سياسي قوتون مقبوليت جا پيمانا تبديل ٿيڻ جي باوجود سياسي حقيقت آهن اهڙي طرح اسٽيبلشمينٽ جي طاقت کان انڪار به حقيقت کان انڪار آهي

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

اسان کي ايندڙ نسلن لاءِ هڪ محفوظ، پُرامن ۽ ترقي يافته ملڪ ڇڏي وڃڻو آهي: اعظم نذير

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے