اسلام آباد: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وڏين وڏين دعوائن جي باوجود پاڪستان ۾ متعارف ڪرايل واپاري دوست اسڪيم ناڪام رهي پر ملڪ ۾ موجود خاموش ۽ بي آواز پگهاردار طبقي گذريل مالي سال جي دوران برآمد ڪندڙن ۽ رٽيلرز جي گڏيل ادائيگي جي ٻيڻ کان به وڌيڪ ٽيڪس قومي ناڻي ۾ جمع ڪرايو آهي جڏهن ته ٽيڪس نه ڏيندڙ واپارين جي خلاف ڪارروائي جي حوالي سان ايف بي آر جو چوڻ آهي ته سخت قدمن جا نتيجا تمام جلد سامهون ايندا.تفصيل موجب فيڊرل بورڊ آف روينيو مالي سال 2024-25 جي دوران پگهاردار طبقي کان 545 ارب روپين جي تاريخي رقم انڪم ٽيڪس جي مد ۾ وصول ڪئي. اهڙي طرح هو سڌو سنئون ٽيڪسز جي حوالي سان ٻين سمورن شعبن جي مقابلي ۾ سڀني کان وڌيڪ حصو وجهڻ وارا بڻجي ويا آهن. برآمد ڪندڙن صرف 180 ارب ۽ واپارين 62 ارب روپين جي ادائيگي ڪئي.صرف پگهار طبقي جي انڪم ٽيڪس ۾ ڀائيواري مان 300 سيڪڙو ۽ سياسي طور تي بااثر واپارين کان 500 سيڪڙو وڌيڪ رهي، برآمد ڪندڙن ڊالرز ۾ آمدني حاصل ڪرڻ جي باوجود صرف 180 ارب روپين جو ٽيڪس ادا ڪيو جڏهن ته واپارين جيڪي هر سياسي پارٽي سان جڙيل سمجهيا ويندا آهن، انڪم ٽيڪس آرڊيننس جي قلم 236 جي ۽ 236 ايڇ جي تحت صرف 62 ارب روپين جي ادائگي ڪئي.اعليٰ اختيارين موجب گڏيل طور تي پگهاردار طبقي گذريل مالي سال ۾ برآمد ڪندڙن ۽ واپارين جي گڏيل ادائيگي کان ٻيڻو وڌيڪ انڪم ٽيڪس ادا ڪيو.مالي سال 2023-24 ۾ پگهاردار طبقي 367 ارب روپيه ٽيڪس ڏنو هو جڏهن ته 2024-25 ۾ اها رقم وڌي 545 ارب روپيه ٿي وئي. يعني 178 ارب روپين جو اضافو ٿيو.هتي اهو ذڪر به اهم آهي ته واپارين جي لاءِ متعارف ڪرايل واپاري دوست اسڪيم(ٽي ڊي ايس) گذريل مالي سال ۾ ناڪام رهي ۽ واپاري انهي ۾ شامل نه ٿيا.
