بريڪنگ نيوز

عمران خان پنهنجن ئي ماڻهن جي سياست سبب جيل ۾ آهي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته عمران خان پنهنجن ئي ماڻهن جي سياست جي ڪري جيل ۾ آهي، پي ٽي آءِ کي ڪنهن کان خطرو ناهي هو پاڻ ئي پنهنجا دشمن آهن.ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته محرم الحرام لاءِ سنڌ جي وڏي وزير خصوصي قدم کنيا آهن. وڏو وزير ۽ گهرو وزير عالمن سان ملاقاتون به ڪيون آهن،  جلوسن لاءِ سموري سنڌ ۾ 49 هزار کان وڌيڪ پوليس اهلڪار ڊيوٽي ڏيندا، امن امان قائم رکڻ لاءِ سمورا قدم کنيا پيا وڃن.هن چيو ته چنگچي رڪشه ايسوسيئيشن هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو آهي، سنڌ حڪومت قانون جي تحت 11 روڊن تي چنگچي رڪشائن تي پابندي لڳائي هئي، انتظامي معاملا هلائڻ سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي، چنگچي رڪشائن جي ڪري ٽريفڪ جا مسئلا سامهون اچي رهيا آهن.هن چيو ته تعليم کاتي 93 هزار 118 استادن کي ڀرتي ڪيو آهي، ڀرتي جو عمل شفاف هو، هڪ به ڀرتي سفارش تي ناهي ٿي، لکين روزگار ڏيندڙ صرف نعرا لڳايا، عمل پيپلز پارٽي ڪيو. 93 هزار خاندانن کي روزگار مليو آهي. شرجيل ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت بهترين طبي ۽ تعليم جون سهولتون ڏئي رهي آهي، روزگار جي فراهمي ۾ به صوبائي حڪومت سڀني کان اڳيان آهي. 2100 ماڻهو اقليتن جي ڪوٽا تي ڀرتي ٿيا، 1330 خصوصي ماڻهن کي به ڀرتي ڪيو ويو. سوشل سيڪٽر ۽ انفرا اسٽرڪچر جي بهتري ۾ به سنڌ حڪومت اڳيان آهي.هن چيو ته جنهن ملڪ ۽ قوم لاءِ ڪجهه ناهي ڪيو، اهي ئي الزامن جي سياست ڪري رهيا آهن، هڪ اڳوڻي وفاقي وزير جيڪو ڪيترين ئي پارٽين ۾ رهي چڪو آهي اهو ٻوڏ وقت انگ اکر ڏئي رهيو آهي. ٻوڏ کان پوءِ اسڪولن جي حالت بهتر ڪرڻ ۾ وفاقي حڪومت کان اها مدد نه ملي جنهن جو واعدو ڪيو ويو هو.سينئر صوبائي وزير چيو ته جماعت اسلامي جو ڪم صرف منفي سياست ۽ تنقيد ڪرڻ آهي، جماعت اسلامي هميشه فتني واري سياست ڪئي آهي، ايم ڪيو ايم کي تمام گهڻي تڪليف آهي ته بلدياتي اليڪشن ۾ حصو وٺي ها، اسان پي ٽي آءِ باني جيان ڪنهن کي گاريون نه ڏينداسين. هن چيو ته علي امين گنڊاپور کي اپوزيشن جي ضرورت نه آهي، پي ٽي آءِ  کي ڪنهن ٻئي کان خطرو نه آهي، پي ٽي آءِ باني عمران خان پنهنجن ئي ماڻهن جي سياست سبب جيل ۾ آهي.شرجيل ميمڻ وڌيڪ چيو ته خيبرپختونخواهه امن امان جي بدترين صورتحال مان گذري رهيو آهي ۽ اهي انهي کي بهتر ڪرڻ جي بجاءِ اسلام آباد تي چڙهائي جون ڳالهيون ڪندا آهن، احتجاج جو سڀني کي حق آهي پر انهي جو اهو مطلب ناهي ته روڊ بند ڪيا وڃن، ريڊ زون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جي اجازت نٿا ڏئي سگهون.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايران-اسرائيل جنگبندي ۾ وزيراعظم وڏو ڪردار نڀايو ۽ هن سيز فائر پٺيان به وردي آهي: محسن نقوي

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته ايران-اسرائيل جنگبندي ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے