بريڪنگ نيوز

ايران-اسرائيل جنگبندي ۾ وزيراعظم وڏو ڪردار نڀايو ۽ هن سيز فائر پٺيان به وردي آهي: محسن نقوي

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته ايران-اسرائيل جنگبندي ۾ وزيراعظم شهباز شريف جو وڏو ڪردار آهي ۽ هن جنگ بندي جي پٺيان به وردي آهي.اسلام آباد ۾ محرم الحرام جي حوالي سان مختلف مذهبن جي عالمن سان ڳالهائيندي محسن نقوي دنيا کي اتحاد جو پيغام ڏيڻ لاءِ 14 آگسٽ جي ڏينهن فيصل مسجد ۾ عالمن کي گڏجي نماز پڙهڻ جي دعوت ڏني ۽ محرم دوران يڪجهتي پيدا ڪرڻ ۾ به ڪردار ادا ڪرڻ جي اپيل ڪئي.ان موقعي تي گهرو وزير چيو ته ڀارتي حملن دوران پاڪستان کي غيبي مدد حاصل ٿي، ڀارت هڪ بيس تي 11 ميزائل فائر ڪيا، اُتي اسان جا 9 يا 11 جهاز هئا، پر سڀ ميزائل بيس کان ٻاهر ڪِري پيا ۽ اسان جي ڪنهن به جهاز کي نقصان نه پهتو.هن چيو ته اسان ڀارت جي شهري آباديءَ تي حملو ڪرڻ نه پيا چاهيون، پر جڏهن پاڪستان طرفان ڀارت ڏانهن ميزائل فائر ڪيا ويا ته انهن مان هڪ ميزائل فائر ڪرڻ وقت مسئلو ٿي پيو، اسان کي خدشو ٿيو ته اهو ميزائل آباديءَ تي ڪري پوندو، پر الله پاڪ جي طرفان مدد آئي ۽ اهو ميزائل ڀارت جي سڀ کان وڏي آئل ڊپو تي لڳو، اهي ٻه مثال غيبي مدد کي ظاهر ڪن ٿا.گهرو وزير جو چوڻ هو ته ڀارت جي حملن جي وقت آرمي چيف ثابت قدم بيٺل هو ۽ سندس عزم هو ته ڀارت کي ان جو چار ڀيرا وڌيڪ جواب ڏنو ويندو.ايران-اسرائيل جنگ بابت ڳالهائيندي محسن نقوي چيو ته ايران ۽ اسرائيل جنگبندي ۾ وزيراعظم جو وڏو ڪردار آهي، جنگ بندي جي پٺيان به وردي آهي، جڏهن ته عالمي اڳواڻن کي قائل ڪرڻ ۾ به اسان جي اڳواڻن جو وڏو ڪردار رهيو آهي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

عمران خان پنهنجن ئي ماڻهن جي سياست سبب جيل ۾ آهي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته عمران …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے