اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته معيشت ۾ شفافيت جي لاءِ ڊيجيٽل ٽرانزيڪشن سسٽم لازمي آهي، شهرين ۽ ڪاروباري ادارن جي وچ ۾ ادائيگين کي آسان بڻائڻ، ڊيجيٽل سسٽم جي استعمال بابت آگاهي وڌائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، ڪيش ليس اڪانومي جي حوالي سان قائم ڪميٽيون سمورن حصيدارن سان گڏجي قابل عمل تجويزون پيش ڪن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت م ڪيش ليس ۽ ڊيجيٽل معيشت جي حوالي سان هفتيوار اجلاس ٿيو. وزيراعظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته گذريل اجلاس قائم ڪيل ڊيجيٽل پي منٽس انوويشن اينڊ ايڊاپشن ڪميٽي، ڊيجيٽل پبلڪ انفراسٽرڪچر ڪميٽي ۽ گورنمينٽ پي منٽس ڪميٽي جوڙي وئي آهي. اجلاس ۾ ڊيجيٽل پي منٽس انوويشن اينڊ ايڊاپشن جي حوالي سان ٺاهيل ڪميٽيون معيشت جي ڊيجيٽائيزيشن جي حوالي سان تجويزن ۽ حڪمت عملي تي بريفنگ ڏني. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ڊيجيٽل ادائيگين کي فروغ ڏيڻ جي حوالي سان اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان واپارين جي لاءِ ڊيجيٽل ادائيگين جي طريقيڪار کي آسان بڻائڻ جي لاءِ حڪمت عملي جوڙي رهيو آهي، ڊيجيٽل ادائيگين ۾ ننڍي ڪاروبارن جي حوصلا افزائي ۽ شموليت جي لاءِ آسان پئڪيج متعارف ڪرايو ويندو، ڊيجيٽل ادائيگين جي لاءِ موبائيل فون ايپلي ڪيشنز استعمال ڪندڙن جو انگ 95 ملين کان 120 ملين تائين وٺي وڃڻ جو هدف آهي، ڪيو آر ڪوڊ استعمال ڪندڙ واپارين جو انگ 0.9 ملين کان 2 ملين تائين وٺي وڃڻ جو هدف آهي، مجموعي ڊيجيٽل ادائيگين کي 7.5 بلين رپين کان 12 بلين رپين تائين وڌايو ويندو، ڊيجيٽل نيشنل پاڪستان جي حوالي سان ڊيجيٽل اڪانومي پراجيڪٽ شروع ٿي چڪو آهي، اسلام آباد سٽي موبائيل فون ايپلي ڪيشن جا هيستائين 1.3 ملين ڊائون لوڊز آهن جڏهن ته ان ايپلي ڪيشن تي 15 سروسز دستياب آهن، اسلام آباد سٽي ايپ جي ذريعي آءِ سي ٽي ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن جي مد ۾ 15.5 بلين رپيا جمع ڪيا ويا آهن، ڊيجيٽل پاڪستان آءِ ڊي منصوبي جي تڪميل جي لاءِ تيزي سان ڪم جاري آهي، اسلام آباد ۾ اي – اسٽيمپنگ جي سهولت جلد متعارف ڪرائي پئي وڃي، سڄي اسلام آباد خاص طور تي اسپتالن، تعليمي ادارن، سرڪاري آفيسن، پارڪس ۽ ميٽرو بس لائينز تي وائي فائي انٽرنيٽ جي سهولت جي فراهمي جي حوالي سان ڪم جاري آهي. وزيراعظم سمورن هدفن کي ٻيڻو ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ سموريون سهولتون وفاقي علائقي، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ به متعارف ڪرائڻ جا حڪم ڏنا. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته معيشت ۾ شفافيت آڻڻ جي لاءِ ڊيجيٽل ٽرانزيڪشن سسٽم لازمي آهي، شهرين ۽ ڪاروباري ادارن جي وچ ۾ ادائيگين کي آسان بڻائڻ، ڊيجيٽل سسٽم جي استعمال بابت آگاهي وڌائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. هن هدايت ڪئي ته ڪيش ليس اڪانومي جي حوالي سان قائم ڪيل ڪميٽيون سمورن حصيدارن سان گڏجي قابل عمل تجويزون پيش ڪن. اجلاس ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام واري وفاقي وزير شزه فاطمه، پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ، وزيراعظم جي صلاحڪار ڊاڪٽر توقير شاهه، ناڻي ۽ ريلوي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.
