بريڪنگ نيوز

بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي فتنه الهندوستان خلاف ڪارروائي، 6 دهشتگرد ماريا ويا

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) بلوچستان جي علائقي دالبندين ۾ سيڪيورٽي فورسز طرفان فتنه الهندوستان خلاف ڪيل ڪارروائي دوران 6 دهشتگرد مارجي ويا. سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته فورسز ڪامياب آپريشن ۾ فتنه الهندوستان جي ٿاڪن کي مڪمل طور ختم ڪري ڇڏيو.سيڪيورٽي ذريعن موجب وقتائتي ۽ اثرائتي ڪارروائي ۾ سمورا ڇهه ئي دهشتگرد مارجي ويا.سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته دهشتگرد هڪ جابلو غار ۾ لڪيل، جن تي فضائي نگراني وسيلي لڳاتار نظر رکي وئي.سيڪيورٽي ذريعن موجب، فورسز طرفان مناسب وقت تي دهشتگرن جي ٿاڪن کي اثرائتي نموني نشانو بڻايو ويو.ذريعن جو چوڻ هو ته اهم ڪاميابي سيڪيورٽي فورسز ۽ ڳجهن ادارن جي بهتر هم آهنگي ۽ اثرائتن رابطن جو نتيجو آهي، بلوچستان ۾ دهشتگردي جي خاتمي تائين فورسز جون ڪارروائيون جاري رهنديون.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ۾ پاسپورٽ ۽ اميگريشن سسٽم کي پڻ تيز ۽ فول پروف بڻايو ويو آهي: محسن نقوي

بيجنگ (مانيٽرنگ ڊيسڪ)گهرو معاملن واري وفاقي وزير وزير محسن نقوي بيجنگ پبلڪ سيڪيورٽي جي پاسپورٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے