بريڪنگ نيوز

پاڪستان افغانستان ۾ خوارجين جي موجودگيءَ خلاف اثرائتا قدم کنيا آهن: ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري

راولپنڊي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) جي ڊائريڪٽر جنرل ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته پاڪستان افغانستان ۾ خوارجين جي موجودگيءَ خلاف اثرائتا قدم کنيا آهن، آئينده به پاڪ فوج دشمن جي هر اڳرائيءَ خلاف شيهي جي ڀِت ثابت ٿيندي. اهڙو اظهار هن غلام اسحاق خان انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي، ٽوپي (صوابي) جي دؤري دوران شاگردن سان ڳالهائيندي ڪيو. هن هاڻوڪي پاڪ- افغان سرحدي چڪرين، سيڪيورٽي صورتحال ۽ سوشل ميڊيا جي ڪردار تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي. ڊي جي آءِ ايس پي آر واضح ڪيو ته پاڪستان افغانستان ۾ خوارجين جي موجودگيءَ خلاف اثرائتا قدم کنيا آهن، آئينده به پاڪ فوج دشمن جي هر اڳرائيءَ خلاف شيهي جي ڀِت ثابت ٿيندي. هن چيو ته نوجوان قوم جي روشن مستقبل جا ضامن آهن ۽ ملڪي ترقي ۽ خوشحاليءَ ۾ نوجوانن جو ڪردار اهم آهي. شاگردن ۽ استادن طرفان پاڪ فوج جي شهيدن ۽ غازين کي زبردست خراجِ تحسين پيش ڪيو ويو. يونيورسٽيءَ جي شاگردن چيو ته اهڙيون وڌيڪ بامقصد ويهڪون منعقد ٿيڻ گهرجن ته جيئن ڊس انفارميشن ۽ پروپيگنڊا جو خاتمو ٿئي، قوم امن جي ڪوششن ۽ ملڪي ترقيءَ ۾ پاڪ فوج جي ڪردار کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي. شاگردن چيو ته پاڪ فوج دشمن کي ڀرپور ۽ فيصلائتو جواب ڏنو جنهن تي اسان کي فخر آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر سوالن جا پڻ تفصيلي جواب ڏنا جنهن سان موجود مونجهارا ختم ٿيا.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

اسان کي ايندڙ نسلن لاءِ هڪ محفوظ، پُرامن ۽ ترقي يافته ملڪ ڇڏي وڃڻو آهي: اعظم نذير

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے