اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان قرار ڏنو آهي ته جيڪڏهن سرڪاري ملازم محڪماڻي اپيل مقرر وقت کانپوءِ داخل ڪري ٿو ته سروس ٽربيونل صرف ان بنياد تي اپيل کي خارج نٿو ڪري سگهي پر ان کي اهو ڏسڻو پوندو ته دير جا سبب ڪهڙا هئا ۽ آيا محڪماڻي اٿارٽي دير جي معاملي تي درست اختيار استعمال ڪيو يا نه. مختلف سروس ٽربيونلز جي تڪراري فيصلن بابت ڪيس جي ٻُڌڻي جسٽس منيب اختر، جسٽس عائشه اي ملڪ، جسٽس عقيل احمد عباسي، جسٽس محمد شفيع صديقي ۽ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب تي ٻڌل بينچ ڪئي. مختلف سروس ٽربيونلز جن ۾ پنجاب، سنڌ، وفاقي ۽ ڪي پي ڪي جي تڪراري فيصلن بابت فيصلو جسٽس عائشه اي ملڪ لکيو. واضح رهي ته 2006ع ۾ داخل ٿيل اپيل ۾ اهو سوال اُٿاريو ويو هو ته جيڪڏهن محڪماڻي اپيل مقرر وقت کان پوءِ داخل ٿئي ته ڇا سروس ٽربيونل ان کي پاڻمرادو ٻُڌڻيءَ جوڳو نه قرار ڏئي سگهي ٿو؟ 2019ع ۾ ان معاملي کي عثمان علي ڇاڇڙ ڪيس (2019 SCMR 2043) کانپوءِ 5 رڪني بينچ آڏو رکيو ويو ته جيئن قانوني تڪرارن کي واضح ڪري سگهجي. عدالت جي معاونت لاءِ سينيئر وڪيل شاهد انور باجوه ۽ عبدالرحيم ڀٽيءَ کي عدالتي معاون مقرر ڪيو ويو. ٻنهي مؤقف اختيار ڪيو ته محڪماڻي اٿارٽيءَ کي دير جو مناسب سبب ٻُڌي اپيل ٻُڌڻيءَ جوڳو قرار ڏيڻ جو اختيار حاصل آهي. سروس ٽربيونل صرف دير جي بنياد تي اپيل خارج نٿو ڪري سگهي، ان کي ڏسڻو پوندو ته کاتو دير معاف ڪرڻ جو اختيار درست استعمال ڪيو يا نه. جيڪڏهن ٽربيونل صرف دير جي بنياد تي اپيل خارج ڪري ٿو ته اهو دراصل پنهنجي دائره اختيار تان هٿ کڻڻ آهي ۽ ان سان سرڪاري ملازمن جي خدشن جو ازالو ناممڪن ٿي وڃي ٿو. عدالت قرار ڏنو ته سروس قانون (فوجداري، پنجاب، سنڌ، ڪي پي ڪي، بلوچستان) تحت محڪماڻي اپيل مقرر وقت (عمومي طور 30 کان 60 ڏينهن) ۾ دائر ڪرڻ ضروري آهي. جڏهن ته ان قانون تحت محڪماڻي اٿارٽيءَ کي اهو اختيار حاصل آهي ته جيڪڏهن ”مناسب سبب“ يا ”وجهه کان مٿانهيون حالتون“ سامهون اچن ته دير کي معاف ڪري اپيل ٻُڌي وڃي. Limitation Act, 1908 جو لاڳو ٿيڻ سروس معاملن ۾ سڌيءَ ريت نه هوندو، جيتوڻيڪ دير معاف ڪرڻ جو تصور ان قاعدن ۾ اڳ ئي موجود آهي. فيصلي ۾ واضح ڪيو ويو ته سڄي ملڪ ۾ ٻه مختلف قانوني فريم ورڪ موجود آهن: 1. Withholding Framework (وفاق ۽ پنجاب) جتي اپيل دير سبب ”روڪي“ سگهجي ٿي ته مناسب سبب ظاهر نه ٿئي. 2. Condonation Framework (سنڌ، ڪي پي ڪي، بلوچستان) جتي اٿارٽي دير معاف ڪري اپيل کي ٻُڌڻيءَ لاءِ مقرر ڪري سگهي ٿي. عدالت چيو ته ٻنهي فريم ورڪن جو بنيادي مقصد هڪ ئي آهي ته دير جا سبب ٻُڌڻ ۽ جيڪڏهن سبب درست هجن ته اپيل کي ٻُڌو وڃي. سپريم ڪورٽ قرار ڏنو ته ”سروس ٽربيونلز جو فرض آهي ته هو صرف دير جي بنياد تي اپيل خارج ڪرڻ بدران محڪماڻي اٿارٽي جي فيصلي جو جائزو وٺي ته جيئن دير جي سببن جو تعين ڪري سگهجي ۽ قانون موجب فيصلو ڏئي سگهجي. عدالت اهو به واضح ڪيو ته هو ان فيصلي ۾ هر ڪيس جي ميرٽ جو تعين نه ڪري رهي آهي پر صرف قانوني اصول طئي ڪري رهي آهي. سمورا ڪيس پنهنجن الڳ حقيقتن جي بنياد تي لاڳاپيل فورمز تي هلندا.
DailyWaka Sindhi News Papers