اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وفاقي قانون واري وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني عمران خان جي اک جو علاج اڊياله جيل اسپتال ۾ ٿي سگهيو ٿي پر عمران خان جي چوڻ تي کيس علاج جي لاءِ پمز اسپتال اماڻيو ويو سينيٽ اجلاس ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ علامه راجه ناصر عباس جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ باني عمران خان جي بيماري جو انهي جي فيملي کي نه ٻڌائي ڏوهه ڪيو ويو پي ٽي آءِ باني کي بطور شهري ۽ قيدي انهي جي حقن کان ڇو محروم ڪيو ويو؟ راجه عباس ناصر چيو ته عمران خان جي اک ضايع ٿي سگهي ٿي اوهان انهي جي مرضي جي ڊاڪٽر کان چيڪ اپ ڪرايو ڇو لاپرواهي ڪري رهيا آهيو سينيٽر علي ظفر چيو ته پي ٽي آءِ باني جي اک کي نقصان ٿي سگهيو ٿي، پمز جي رپورٽ تي اسان جا ماهر مطمئن نه آهن. پي ٽي آءِ باني عمران خان تائين ٻن ماهرن کي پهچ ڏني وڃي. سينيٽ پمز اسپتال کي باني جي رپورٽ جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن انهي کي عوام آڏو آڻي سگهجي قانون واري وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ عمران خان جي اک جي سرجري بابت تفصيلن کان آگاهه ڪندي سينيٽ کي ٻڌايو ته پي ٽي آءِ باني جي طبيعت صحيح آهي. انهي جو علاج ڪامياب ٿيو آهي. قانون واري وزير ايوان کي ٻڌايو ته عمران خان کي اک جي جيڪا بيماري هئي انهي ۾ انجيڪشن لڳندو آهي آپريشن نه ٿيندو آهي انهي ۾ ڪابه ڏکيائي نه آهي هن چيو ته پي ٽي آءِ باني عمران خان جي اک جو علاج اڊياله جيل اسپتال ۾ ٿي سگهيو ٿي پر عمران خان جي چوڻ تي کيس پمز اسپتال وٺي وياسين هن پاڻ چيو امن امان جو مسئلو ٿي سگهي ٿو مون کي شام جو وٺي وڃو سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو ته راڻا ثناءُالله کي جڏهن گرفتار ڪيو ويو هو ته اهو لاهور کان اسپتال وڃي رهيو هو. مئجسٽريٽ انهي کي جوڊيشل ڪري ڇڏيو انهي وقت جي وزيراعظم جي هدايت تي راڻا ثناءُالله کي جيل ڊاڪٽر تائين پهچ نه ڏني وئي هئي، اڃان تائين وزيراعظم اهو ناهي چيو ته عمران خان کي ڊاڪٽرن ۽ علاج تائين پهچ نه ڏني وڃي. وزيراعظم انساني حقن جي پاسداري ڪندو آهي.
DailyWaka Sindhi News Papers