بريڪنگ نيوز

هاڻي هڪ ڀيرو ٻيهر انتهاپسندي ۽ دهشتگردي کي شڪست ڏيڻ جي لاءِ اتحاد جي ضرورت آهي: عطاءُ الله تارڙ

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ سينيٽ کي ٻڌايو آهي ته وفاقي حڪومت مذهبي هم آهنگي، موثر بيانيه سازي ۽ نيشنل ايڪشن پلان تي سختي سان عملدرآمد جي ذريعي انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جي خلاف ٺوس قدمن جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. سينيٽ اجلاس دوران سوالن جوابن جي وقفي دوران هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته بنا ڪنهن مسلڪي يا سياسي فرق جي پيغام امن ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ان ڪميٽي ۾ سڄي ملڪ مان سمورن مڪتبه فڪر جا عالم ۽ مختلف مذهبن جا نمائندا شامل آهن جيڪي انتهاپسندي، تشدد ۽ دهشتگردي جي خلاف موثر جوابي بيانيي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ملڪ جي مختلف حصن جو دورو ڪري رهيا آهن. هن ٻڌايو ته ڪميٽي ۾ مذهبي عالم، سرڪاري آفيسر ۽ اقليتي نمائندا شامل آهن. ڪميٽي جي ميمبرن ۾ مولانا عبدالڪريم، مفتي رحيم، علامه عارف وحيدي، پير نقيب الرحمان، علامه حسين اڪبر، ڊاڪٽر راغب نعيمي، مولانا طاهر اشرفي، مولانا طيب پنج پيري، علامه ضياءَ الله بخاري، بشپ آزاد مارشل، راجيش ڪمار ۽ سردار رميش سنگهه اروڙا شامل آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پرتشدد انتهاپسندي جي خلاف قابل اعتماد بيانيو جوڙڻ بنيادي طور تي عالمن جي ذميواري آهي جڏهن ته حڪومت اطلاعات واري وزارت ۾ ڪائونٽر وائلنٽ ايڪسٽريمزم (سي وي اي) سيل پڻ قائم ڪيو آهي. هن ٻڌايو ته سي وي اي سيل جي تيار ڪيل بيانيه سازي جي پهچ ۽ اثر خاص طور تي ڊيجيٽل پليٽ فارمز تي، جانچڻ جي لاءِ ٿرڊ پارٽي آڊٽ جو نظام لاڳو ڪيو ويو آهي. وفاقي وزير ايوان کي آگاهه ڪيو ته هڪ مڪمل طور تي فعال ڊيجيٽل ڪميونيڪشن ڊپارٽمينٽ سڄي ملڪ ۾ انتهاپسندي جي خاتمي جي بيانيي کي پهچائي رهيو آهي. تازي سياسي رابطن جو حوالو ڏيندي هن چيو ته خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير جي وزيراعظم سان ملاقات ڪرڻ هڪ مثبت اڳڀرائي آهي جنهن سان وفاقي حڪومت ۽ خيبرپختونخواهه جي وچ ۾ خاص طور تي امن امان ۽ دهشتگردي جي  خاتمي جي معاملن تي هم آهنگي بهتر ٿيندي. بعد ۾ مملڪتي وزير طلال چوڌري پڻ سينيٽ کي انتهاپسندي جي خلاف حڪومت جي وسيع حڪمت عملي کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته ڪائينيٽڪ ۽ نان ڪائينيٽڪ ٻئي قدم هڪ ئي وقت کنيا پيا وڃن. سندس موجب انتهاپسندي جي خاتمي تي تازو اجلاس اطلاعات واري وزير جي قيادت ۾ ٿيو جڏهن ته وزيراعظم جي سربراهي ۾ قائم پيغام امن ڪميٽي يونيورسٽين، مدرسن، مسجدن ۽ معاشري جي ٻين طبقن تي ٻڌل هڪ جامع آگاهي پروگرام تيار ڪيو آهي. طلال چوڌري 14 نڪاتي نيشنل ايڪشن پلان (NAP – II) تي مڪمل پارلياماني بحث جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته اصل نيشنل ايڪشن پلان آرمي پبلڪ اسڪول سانحي کانپوءِ مسلم ليگ (ن) جي دور ۾ جوڙيو ويو هو ۽ بعد ۾ پي ٽي آءِ حڪومت دوران سمورن صوبن جي اتفاق راءِ سان ان ۾ نظرثاني ڪئي وئي. هن ٻڌايو ته دهشتگردي جي خاتمي بابت هڪ اعليٰ سطحي رابطا ڪميٽي جنهن جي سربراهي وزيراعظم ڪري ٿو ۽ جنهن ۾ سمورا وڏا وزير ۽ سيڪيورٽي ادارن جا سربراهه شامل هوندا آهن، باقاعدگي سان اڳڀرائي جو جائزو وٺي ٿي جڏهن ته گهرو وزير مهيني ۾ ٻه ڀيرا اجلاسن جي صدارت ڪري ٿو. هن وڌيڪ چيو ته هڪ جدا ”هارڊننگ  آف دي اسٽيٽ“ ڪميٽي پڻ سمورن 14 نقطن تي عملدرآمد جي نگراني ڪري رهي آهي. مملڪتي وزير چيو ته ماضي ۾ دهشتگردي جي خلاف ڪاميابي رڳو انهي وقت حاصل ٿي جڏهن سموريون سياسي قوتون سيڪيورٽي ادان سان متحد  ٿيون ۽ هاڻي هڪ ڀيرو ٻيهر انتهاپسندي ۽ دهشتگردي کي شڪست ڏيڻ جي لاءِ اتحاد جي ضرورت آهي. هن واضح ڪيو ته جيڪڏهن ايوان تفصيلي بحث جي لاءِ وقت مخصوص ڪري ته حڪومت نيپ – 2 جي سمورن نقطن تي عملدرآمد بشمول وفاقي ۽ صوبائي ڪارڪردگي تي جامع بريفنگ ڏيڻ جي لاءِ تيار آهي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم، ججن کي جذباتي نه قانوني فيصلا ڪرڻا پوندا: وفاقي آئيني عدالت

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وفاقي آئيني عدالت سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے