بريڪنگ نيوز

ايمان مزاري سان ملاقات جي اجازت نه ملڻ تي شيرين مزاري اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پهچي وئي

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ايمان مزاري سان ملاقات جي اجازت نه ملڻ تي شيرين مزاري اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پهچي وئي رپورٽ موجب ايمان مزاري ۽ انهي جي مڙس هادي علي چٺه سان جيل ۾ ملاقات جي معاملي تي اڳوڻي وفاقي وزير شيرين مزاري اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو جتي هن درخواست داخل ڪرڻ لاءِ پنهنجي بائيو ميٽرڪ به ڪرائي شيرين مزاري درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته مان ڪالهه ڌيءَ ۽ ناٺي سان ملاقات جي لاءِ اڊياله جيل وئي هئس پر ملاقات جو ڏينهن مقرر هجڻ باوجود مون کي ملاقات جي اجازت نه ڏني وئي. هن چيو ته جيل قانون موجب ملاقاتن جي حوالي سان جيڪو حق حاصل آهي انهي جي بنياد تي مون اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪئي آهي درخواست ۾ شيرين مزاري اپيل ڪئي ته بنيادي استدعا اهائي آهي ته جيل قانون موجب ملاقات جو حق آهي اهو فراهم ڪيو وڃي. هن چيو ته مان هڪ ماءُ آهيان پنهنجي ڌيءَ سان ملڻ چاهيان ٿي اهڙي طرح ناٺي سان به ملاقات جي خواهش رکان ٿي پر انهي جي باوجود مون کي روڪيو پيو وڃي شيرين مزاري موجب مون لاڳاپيل اختيارين کي پنهنجي قانون جو حوالو ڏنو آهي اهو به واضح ڪيو آهي ته پاڪستان بنيادي انساني حقن جي عالمي معاهدن تي صحيح ڪري چڪو آهي. هن چيو ته آرٽيڪل ون ذهني ۽ جسماني تشدد جي تشريح ڪري ٿو جنهن جي ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي هن درخواست ۾ وڌيڪ موقف اختيار ڪيو ويو ته نه صرف عالمي قانون پر ملڪ جي پنهنجي قانون جي به ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي. شيرين مزاري چيو ته عالمي قانون جي حوالي سان پاڪستان جي ساک هميشه سٺي رهي آهي. اسان انڊس واٽر جهڙن معاملن تي ڀارت کي به اهو چوندا آهيون ته اهو ڀڃڪڙي نٿو ڪري سگهي. شيرين مزاري موجب پاڪستان شروع کان پنهنجي عالمي معاهدن تي عمل ڪندي نظر اچي رهيو آهي جيڪڏهن پاڪستان جي پوزيشن مضبوط رهي آهي ته هاڻ انهي کي ڇو ڪمزور يا تباهه ڪيو پيو وڃي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم، ججن کي جذباتي نه قانوني فيصلا ڪرڻا پوندا: وفاقي آئيني عدالت

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وفاقي آئيني عدالت سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے