اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) دفاع واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته بلوچستان جا دهشتگرد افغانستان جا ايجنٽ آهن اسان انهن کي بلوچ عوام سان گڏجي شڪست ڏينداسين وفاقي راڄڌاني ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي دفاع واري وزير خواجه آصف چيو ته بلوچستان ۾ سرگرم دهشتگرد افغانستان جا ايجنٽ آهن. اهي ماڻهو رياست کي بليڪ ميل ڪرڻ چاهين ٿا. هن چيو ته جيڪي عناصر اسان جا دشمن آهن هي انهن جا ايجنٽ آهن. دشمنن جي پٺڀرائي سبب پاڪستان تي حملا ڪيا پيا وڃن خواجه آصف چيو ته گذريل ڏهاڪن دوران بلوچستان ۾ ترقي ٿي، روڊ ۽ تعليمي ادارا تعمير ڪيا ويا آهن. جمهوري ڪلچر، بلوچ قوم جو حق آهي. هن واضح ڪيو ته پنهنجي وسيلن تي مڪمل طور تي بلوچن جو حق آهي. جيڪڏهن بلوچستان ۾ صرف ڪجهه ماڻهو وسيلن مان فائدو کڻي رهيا آهن ته وفاقي حڪومت عام ماڻهن سان گڏ آهي دفاع واري وزير چيو ته بلوچستان ۾ دهشتگردي جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو. بلوچ قوم جي مدد سان ڀارت ۽ افغانستان کي شڪست ڏني ويندي. هن وڌيڪ چيو ته سمور دنيا کي خبر آهي ته ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو پاڪستان جي ڪسٽڊي ۾ آهي. انهي کان علاوه به پاڪستان ۾ دهشتگردانه حملن ۾ ڀارت جي ملوث هجڻ جون شاهديون موجود آهن خواجه آصف چيو ته جنگ ۾ شڪست کان پوءِ ڀارت پراڪسيز جي ذريعي پاڪستان جي خلاف جارحيت ڪري رهيو آهي پر بلوچ عوام جي مدد سان انهي پراڪسي جي جارحيت ۾ افغانستان ۽ ڀارت کي شڪست ڏني ويندي.
DailyWaka Sindhi News Papers