بريڪنگ نيوز

پاڪستان ۽ پولينڊ ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي:اسحاق ڊار

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پولينڊ جي هم منصب جي پاڪستان جي دوري کي اهم قرار ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه دوران ڌرين ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس ۾ پولينڊ جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير رادوسواف سڪورسڪي سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه دوران پولينڊ جي هم منصب رادوسواف سڪورسڪي ۽ مون پاڪستان ۽ پولينڊ جي ٻطرفي لاڳاپن جو جائزو ورتو جيڪي تمام مثبت رخ ۾ اڳتي وڌي رهيا آهن. نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته اسان جي ٻطرفي واپار جو ڪاٿو هڪ بلين ڊالر کان وڌيڪ آهي ۽ ٻنهي ڌرين ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو آهي ته واپاري ۽ اقتصادي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي بي پناهه صلاحيت موجود آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ پولينڊ واپار، توانائي، بنيادي ڍانچي، دفاع، دهشتگردي جي خاتمي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ تعليم ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار پراڻي حل طلب تڪرار ڄمون ۽ ڪشمير ۽ فلسطين مسئلي کي گڏيل قومن جي قراردادن موجب حل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزارتن مفاهمت جي يادداشت (ايم او يو) تي صحيحون ڪيون آهن جنهن جو مقصد ڌرين جي وچ ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ آهي. هن چيو ته اسلام آباد ۾ انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز ۽ پولينڊ جي انسٽيٽيوٽ آف انٽرنيشنل افيئرز جي وچ ۾ تعاون جي لاءِ ايم او يو تي صحيحون ڪيون ويون آهن. نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار پولينڊ جي هم منصب جي آجيان ڪندي چيو ته هي سندس پاڪستان جو ٻيو دورو آهي، ان کان اڳ هن 2011ع ۾ پاڪستان جو دورو ڪيو هو. هن چيو ته پولينڊ جو نائب وزيراعظم دنيا جي هن حصي ۾ ڪو اجنبي نه آهي، هن 1980ع جي ڏهاڪي ۾ خطي ۾ جنگي نمائندي جي طور تي خدمتون سرانجام ڏنيون. سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان پولينڊ سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. هن پولينڊ جي آزادي جي جدوجهد کي مثالي قرار ڏيندي چيو ته پاڪستان ۽ پولينڊ جو منفرد تاريخي تعلق آهي، ٻي جنگ عظيم دوران پولينڊ جي هزارين پناهگيرن موجوده پاڪستان يعني ڪراچي ۽ ڪوئيٽا ۾ پناهه حاصل ڪئي. هن پاڪ فضائيه جي بنياد رکڻ ۾ پولينڊ جي پائليٽس ۽ انجنيئرز جي ڪردار کي ياد ڪندي ان کي ساراهيو. هن چيو ته ان گڏيل تاريخي تناظر سان گڏ پاڪستان پولينڊ کي ٻطرفي ۽ يورپي يونين ۾ هڪ اهم حصيدار جي طور تي ڏسي ٿو. نائب وزيراعظم چيو ته اسان کي خوشي آهي ته پولينڊ هاڻي هڪ ٽريلين ڊالر جي معيشت بڻجڻ جي لاءِ اقتصادي اڳڀرائي ڪئي آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته ٻئي ملڪ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندا ۽ گهڻ رخي فورمز تي تعاون جاري رکندا.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان افغانستان ۾ خوارجين جي موجودگيءَ خلاف اثرائتا قدم کنيا آهن: ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري

راولپنڊي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے