ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) پنجاب حڪومت سنڌ لاءِ ڪڻڪ جي ٻج جي فراهمي بند ڪري ڇڏي، پنجاب حڪومت پاران صرف پنجاب صوبي کي ڪڻڪ جي ٻج جي فراهمي جاري، سنڌ لاءِ ڪڻڪ جي ٻج جي فراهمي بند ڪرڻ سبب سنڌ ۾ لکين ايڪڙن تي ڪڻڪ جو فصل سخت متاثر ٿيڻ جو خدشو، پيپلز پارٽي جو پنجاب حڪومت جي تعصباڻي رويي خلاف وفاق آڏو سخت احتجاج. وزيراعظم کان مداخلت ڪري پنجاب حڪومت کان سنڌ لاءِ ڪڻڪ جي ٻج جي فراهمي فوري شروع ڪرائڻ جو مطالبو. پيپلز پارٽي جو وفاق پاران يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپورشن جي 11 هزار ملازمن کي بيروزگار ڪرڻ ۽ ايف بي آر پاران غيرآئيني طور ورڪرز ويلفيئر فنڊ جا سنڌ جي صنعتي يونٽن مان وصول ڪيل 172 ارب روپيا سنڌ کي ادا نه ڪرڻ واري معاملي تي پڻ وفاق کان سخت شڪايت. پيپلز پارٽي وفاقي حڪومت کان ورڪرز ويلفيئر بورڊ فنڊ ۽ اِي او بي آءِ صوبي جي حوالي ڪرڻ ۽ ايف بي آر پاران ورڪرز ويلفيئر فنڊ جا وصول ڪيل 172 ارب روپيا سنڌ جي حوالي ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. اهڙو مطالبو خميس ڏينهن پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر ۽ پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جي چيئرمين نثار احمد کهڙو پاران وفاقي حڪومت کان ڪيو ويو آهي. نثار کهڙو چيو آهي ته ڪڻڪ جي فصل جي پوکائي شروع ٿيڻ واري آهي پر پنجاب حڪومت جي ايگريڪلچر ريگيوليٽري اٿارٽي ۽ پنجاب جي خوراڪ کاتي پنجاب حڪومت جي حڪم تحت سنڌ کي لکين ڪڻڪ جي ٻج جي ٻورين جي فراهمي روڪي ڇڏي آهي جنهن سبب سنڌ ۾ ڪڻڪ جي لکين ايڪڙن تي ٻڌل فصل جي پوکائي سخت متاثر ٿيڻ جو انديشو آهي جيڪڏهن پنجاب حڪومت سنڌ کي ڪڻڪ جي ٻج جي فراهمي نه ڪئي ته سنڌ ۾ ڪڻڪ جي پيداوار ۾ پڻ گهٽتائي ٿيندي. هن وڌيڪ چيو ته پنجاب حڪومت جو اِهو عمل سنڌ جي آبادگارن سان سخت زيادتي ۽ سنڌ جي آبادگارن ۽ هارين جو معاشي قتل عام ڪرڻ برابر آهي. هن چيو ته پاڪستان ساليانو 5 لک 52 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جو ٻج پيدا ڪري ٿو جنهن مان پنجاب جون ٻج تيار ڪرڻ واريون ڪمپنيون 5 لک 16 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جو ٻج پيدا ڪن ٿيون ۽ پنجاب حڪومت پنجاب جي ٻج پيدا ڪندڙ ڪمپنين کي سنڌ ڏانهن ڪڻڪ جي ٻج جي فراهمي نه پئي ڪرڻ ڏي. سنڌ جي آبادگارن ۽ سنڌ جي ڪمپنين پاران ڪڻڪ جي ٻج جي فراهمي لاءِ پنجاب جي ڪمپنين کي رقمن جي پڻ ادائيگي ڪري ڇڏي آهي جنهن باوجود به پنجاب حڪومت سنڌ کي ڪڻڪ جي ٻج جي فراهمي بند ڪري ڇڏي آهي پنجاب حڪومت جو اهو عمل آبادگار ۽ هاري دشمن عمل آهي. پنجاب حڪومت جي ان رويي تي وفاق آڏو سخت احتجاج ڪيون ٿا ۽ وزيراعظم کان مطالبو ٿا ڪيون ته هو فوري طور تي مداخلت ڪري پنجاب حڪومت کان سنڌ لاءِ ڪڻڪ جي ٻج جي فراهمي جو عمل فوري طور شروع ڪرائي نه ته ڪڻڪ جي پيدوار ۾ گهٽتائي ٿيندي ۽ سنڌ جا آبادگار پڻ سخت متاثر ٿيندا جنهن جي ذميوار پنجاب ۽ وفاقي حڪومت هوندي۔
DailyWaka Sindhi News Papers