بريڪنگ نيوز

پنجاب حڪومت جي سفارش، وفاقي ڪابينا انتها پسند جماعت تي پابنديءَ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ)وزيراعظم جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس ۾ وفاقي ڪابينا تحريڪ لبيڪ پاڪستان (ٽي ايل پي) تي پابندي جي منظوري ڏئي ڇڏي.وزيراعظم جي صدارت هيٺ ٿيل ڪابينا اجلاس دوران پنجاب حڪومت جي ٽي ايل پي تي پابندي واري سفارش بابت ميمبرن کي آگاهه ڪيو ويو.وفاقي ڪابينا آئين جي آرٽيڪل 17 تحت ٽي ايل پي تي پابندي جي منظوري ڏني، جڏهن ته گهرو وزارت کي وڌيڪ ڪارروائي لاءِ حڪم جاري ڪيا ويا آهن.اجلاس ۾ گهرو وزارت طرفان ٽي ايل پي بابت ڪابينا کي تفصيلي بريفنگ پڻ ڏني وئي.وزيراعظم جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ ملڪ جي اقتصادي ۽ سياسي صورتحال تي غور ڪيو ويو، جڏهن ته افغانستان سان تازو ٿيل جنگ بندي معاهدي کانپوءِ جي صورتحال پڻ غور هيٺ آئي.ان کانسواءِ بچاءِ واري وزير افغانستان سان ٿيل معاهدي بابت بريفنگ ڏني، جڏهن ته اجلاس ۾ اي سي سي ۽ ڪابينا ڪميٽي قانون سازي وارن فيصلن جي منظوري پڻ ڏني.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم سان حافظ نعيم الرحمان جي اڳواڻي ۾ جماعت اسلامي جي وفد جي اهم ملاقات

اسلام آباد: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان امير جماعت اسلامي حافظ نعيم الرحمان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے