بريڪنگ نيوز

ٽي ايل پي پي ٽي آءِ دور ۾ ڪيل معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي: عطاءُالله تارڙ

وزيرآباد: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُالله تارڙ چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي حڪومت واري دور ۾ به ٽي ايل پي مشروط معاهدو ڪيو هو جنهن جي هن ڀڃڪڙي ڪئي آهي.وزير آباد ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي اطلاعات واري وزير عطاءُالله تارڙ چيو ته تصويرن جي صفائي ڪرڻ ۽ جيل جي ٻاهر روڊن تي ويهڻ اهو ڪي پي ڪي جي وڏي وزير جو ڪم نه آهي. وڏي وزير جو ڪم هوندو آهي ته عوامي فلاحي منصوبا آڻي، جيئن صاف سٿري پنجاب ۾ ٿي رهيو آهي.هن چيو ته ٻوڏ متاثرين لاءِ حڪومت بهترين قدم کڻي رهي آهي، ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ نقصانن جو اندازو لڳايو پيو وڃي. پي ٽي آءِ باني جي خلاف 190 ملين پائونڊ جو ڪيس آهي. انهي جو جواب اهو نه آهي ته اسان مديني جي رياست جون ڳالهيون ڪندا آهيون.عطاءُالله تارڙ وڌيڪ چيو ته پنجاب حڪومت ٽي ايل پي جي خلاف دهشت پکيڙڻ جون ڪافيون شاهديون ڏنيون، مريد ڪي ۾ شهيد ايس ايڇ او کي 21 گوليون هنيون ويون. سياست ۾ وقت تبديل ٿيندو رهندو آهي، اسان کي عاجزي کان ڪم ڪرڻ گهرجي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڌاڙيلن لاءِ پاليسي چٽي آهي، عام معافي نه ملندي، ڪيسز کي منهن ڏيڻو پوندو: ضياءَ لنجار

گهوٽڪي: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) صوبائي گهرو وزير سنڌ ضياءُالحسن لنجار چيو آهي ته حڪومت جي ڌاڙيلن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے